
اليڪشن کان اڳ بلوچستان ۾ حملن سبب سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي صوبائي حڪومت ڪوئيٽا ۾ سياسي ميڙاڪن، جلسن ۽ ڪارنر ميٽنگز تي پابندي لڳائي ڇڏي
نگران حڪومت طرفان سمورين سياسي جماعتن کي پنهنجون سرگرميون محدود ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي
سڌ سماءُ واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته عوام جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي، اليڪشن جي ڏينهنِ ۾سياسي ميڙاڪن جي اهميت جو به اندازو آهي پر حالتون عارضي طور اهڙي اجازت نه ٿيون ڏئي سگهن، ان ڪري سياسي جلسن، ميڙاڪن ۽ ڪارنر ميٽنگز تي پابندي لڳائي وئي آهي
هن چيو ته 8 فئبروري تي ٿيندڙ اليڪشن کان اڳ بلوچستان ۾ اميدوارن جي گهرن ۽ آفيسن تي حملن ۾ اضافو اچي ويو آهي، گذريل هڪ هفتي کان ڪوئيٽا ۽ تربت سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ بم حملا ڪيا ويا
TAGSbreaking_news


