سنڌ جون معدنيات استعمال نه ڪري اسان وڏي بي وقوفي ڪئي آهي: خدا بخش مري

ڪراچي: سنڌ جي معدنيات واري نگران وزير خدا بخش مري چيو آهي ته سنڌ جون معدنيات استعمال نه ڪري اسان وڏي بي وقوفي ڪئي آهي، سنڌ جا معدني وسيلا استعمال ڪري اسان سعودي عرب کان به وڌيڪ ترقي يافته بڻجي سگهون ٿا

سنڌ جي معدنيات واري نگران وزير خدا بخش مري ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪمرانن جي نااهلي ۽ نالائقي جي ڪري معدني وسيلا استعمال نه ٿي سگهيا آهن

نگران وزير نقشن، چارٽس ۽ ڊيٽا ذريعي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارت سيمي ڪنڊڪٽر پاڻ ٺاهي رهيو آهي، سيمي ڪنڊڪٽر ٺاهڻ واري معدنيات به اسان وٽ موجود آهي پر اسان نه پيا ٺاهيون

هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو هوش کان ڪم وٺن، سريو، گاڏيون ۽ دفاعي سامان تيار ڪرڻ واري شين ۾ استعمال ٿيندڙ معدنيات به اسان وٽ موجود آهي

خدا بخش مري چيو ته ڀلي منهنجي وزارت هلي وڃي پر سنڌ جي معدنيات بابت پنهنجي موقف تان هٿ نه کڻندس، ڪارونجهر جي ورثو قرار ڏنل حصن کي ڇڏي ٻين هنڌن تان معدنيات ڪڍي سگهجي ٿي

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں