ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ شخص چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻيو ته پي ٽي آءِ، جج ۽ سياستدان محفوظ نه رهندا: بلاول ڀٽو


بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ شخص چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻيو ته پي ٽي آءِ، جج ۽ سياستدان محفوظ نه رهندا

بلاول ڀٽو زرداري چنيوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته نوازشريف جو پهريون ۽ ٻيو دور آمريت کان گهٽ نه هو، سندس پهرين ۽ ٻئي دور جو ظلم اسان برداشت ڪيو آهي

هن چيو ته بينظير جي قتل جو پلاند وٺڻ بدران اسان غريب عوام جي خدمت ڪنداسين، اسان ڪنهن جي به خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪنداسين، آصف علي زرداري به بينظير جي شهادت تي پاڪستان کپي جو نعرو هنيو هو

TAGStop_stories

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں