
فيض گنج جي صوبائي تڪ پي ايس 29 تي ٽڪيٽ جي معاملي تان جي ڊي اي ۾ اختلاف سامهون آيا آهن
پير پاڳاري اڳوڻي تعلقي ناظم اختر راڄپر کي گهرائي ورتو
جي ڊي اي جي ناراض اڳواڻ اختر راڄپر ڳالهين لاءِ رفيق ٻانڀڻ جي اڳواڻي ۾ پهتل جي ڊي اي وفد کي واپس موٽائي ڇڏيو
پير پاڳاري اختر راڄپر کي ڪراچي گهرائي ورتو، اختر راڄپر جو چوڻ آهي ته پي ايس 29 تي مان اميدوار آهيان پر جي ڊي اي پاران ٽڪيٽ نه ڏني وئي
TAGStop_stories
=============================
وڏي وزير جسٽس باقر صوبي جي 28 بار ايسوسيئيشنن کي 133.5 ملين رپين جي گرانٽ جاري ڪري ڇڏي
ڪراچي (11 جنوري): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر صوبي جي 28 بار ايسوسيئشنن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪندي سندن مسئلا ٻڌي کين 133.5 ملين رپين جي گرانٽ جاري ڪئي. اجلاس ۾ نگران قانون واري وزير عمر سومرو، اطلاعات واري وزير احمد شاهه، وڏي وزير جو خاص مددگار ايڊووڪيٽ معيز بيگ، سيڪريٽري قانون علي احمد بلوچ ۽ مختلف هاءِ ڪورٽ ۽ ضلعي بار ايسوسيئيشن جي چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي بار ايسوسيئيشن جي نمائندن کي ڀليڪار ڪندي قانون ۽ آئين جي بالادستي ۾ وڪيلن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته نگران حڪومت جو بنيادي ڪم ۽ مقصد آزاد، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ آهي جنهن لاءِ هن سمورا ضروري انتظام ڪيا آهن. وڏي وزير چيو ته وڪيل هجڻ جي ڪري اسان کي سماج جي ٻين طبقن خاص ڪري قانون سازن سان سٺا لاڳاپا رکڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته وڪيلن کي گهرجي ته هو سماج تي نظر رکن ۽ سماج جي محروم طبقن جي مدد ڪن. وڏي وزير حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشنن کي 10-10 لک رپين جا چيڪ ڏنا. ڪراچي بار ايسوسيئيشن کي 20 ملين رپيا، ضلعي بار ايسوسيئيشن حيدرآباد ۽ سکر کي 10-10 ملين رپيا، ملير کي 7.5 ملين رپيا ، نواب شاهه ۽ خيرپور کي 5-5 ملين رپيا، شڪارپور کي 40 لک، بدين، دادو، ڄامشورو، گهوٽڪي، مٺي، سانگهڙ، عمرڪوٽ، جيڪب آباد، ڪشمور، شهدادڪوٽ، سجاول ۽ نوشهروفيروز کي 20-20 لک رپيا، ٺٽي کي 30 لک ۽ ٽنڊو محمد خان، مٽياري ۽ ٽنڊوالهيار ضلعي بار کي 10-10 لک رپين جا چيڪ جاري ڪيا. وڏي وزير ضلعي نوشهروفيروز جي ڀريا تعلقي بار ايسوسي ايشن کي 20 لک رپين جو چيڪ پڻ ڏنو. ايسوس ايشنن جي عهديدارن پاران وڪيل برادري سان سهڪار ڪرڻ ۽ سندن مسئلن جي حل ۾ دلچسپي وٺڻ تي وڏي وزير جا ٿورا مڃيا.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC


