شاهه محمود قريشي ۽ زين قريشي جا ڪاغذ منظور، حليم عادل کي به اليڪشن وڙهڻ جي اجازت


شاهه محمود قريشي ۽ زين قريشي جا ڪاغذ منظور، حليم عادل کي به اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ملي وئي، اليڪشن ٽربيونل تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ سندس پٽ زين قريشي جا ٿرپارڪر جي اين اي 214 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا

رٽرننگ آفيسر طرفان شاهه محمود قريشي ۽ زين قريشي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو هو

اليڪشن ٽربيونبل جي جج جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ٻڌڻي هلائيندي آر او جا اعتراض رد ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نامزدگي فارم منظور ڪري ڇڏيا

اليڪشن ٽربيونل رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف ملير جي اين اي 238 تان حليم عادل کي به اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

اين اي 241 تان پ پ جي مرزا اختيار بيگ کي اليڪشن وڙهڻ جي مشروط اجازت، جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻٽي شهريت ختم ٿي چڪي آهي ته حلفي بيان جمع ڪرايو وڃي

جيڪڏهن حلفي بيان غلط ثابت ٿيو ته اليڪشن کٽڻ بعد ڪاميابي منسوخ ٿي ويندي، ٽربيونل اي اين 241 تي پي ٽي آءِ اميدوار ارسلان خالد جي اپيل به منظور ڪندي کيس اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں