انجمن نوجوانان حُسينيہ نقشبندي و جماعت اھلسنت جنگشاھي پاران جنگشاھي شھر ۾ جشن ميلاد النبي صلعم جو جلسو منعقد ڪيو ويو،


ٺٽو(رپورٽ علي گوھر قمبراڻي) انجمن نوجوانان حُسينيہ نقشبندي و جماعت اھلسنت جنگشاھي پاران جنگشاھي شھر ۾ جشن ميلاد النبي صلعم جو جلسو منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ قمبر واري سائين سيد عطاء الله شاھ بخاري، مفتي عبدالرحمٰن ٺٽوي، سيد نصراللہ شاھ، سيد ثناءاللہ شاھ، مولوي فضل اللہ حسيني، مولوي يامين جماري، مولوي سيد منظور حسين شاھ، مولوي غلام مصطفيٰ نعيمي، مولوي يامين ناريجو ۽ ٻين عالمن سڳورن شرڪت ڪري واعظ ڪندي چيو تہ ھي ربيع الاول جو ڀلارو مھينو آھي، جنھن ۾ اسانجي آخري نبي حضرت محمد مصطفٰي صلعم جي آمد ٿي آھي، اسانکي ھڪ الله ۽ ان جي رسول صلعم جي ڏسيل واٽ تي ھلي 5 وقت نماز ادا ڪري غريب، مسڪين، بي پھچ ماڻھن جي مدد ڪرڻ گھرجي، جنھن ۾ ھڪ الله ۽ ان جو رسول صلعم خوش ٿين ٿا. ھنن چيو تہ ھن وقت عالم اسلام تي ڏکيو وقت اچي ويو آھي باطني قوتون حاوي ٿيڻ جون ڪوششون پيون ڪن، پر مسلمانن جو اللہ پاڪ مددگار آھي، ھنن چيو تہ ھن وقت ملڪ ۾ حد کان وڌيڪ مھنگائي عروج تي پھتل آھي، جنھن ڪري غريب ماڻھون ھڪ ويلو ماني ڳڀي لاء بہ پريشان آھي، مٿان وري ھر 15 ھين ڏينھن تيل جا ھٿ ٺوڪيا اگھ مقرر ڪري عوام کان جيئڻ جو بہ حق کسيو پيو وڃي، پر افسوس جو عوام پوء بہ خاموش بڻيل آھي، ھنن گھر ڪئي تہ مھنگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي بک، بدحالي کان بچايو وڃي، آخر ۾ ملڪ ۾ امن، سلامتي ۽خوشحالي لاء خصوصي دعائون گھريون ويون، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتھائي سخت قدم کنيا ويا ھئا.
=======================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں