
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ڪراچي کان ٺٽي گھمڻ لاء آيل 21 سالہ نوجوان محاذ الله ڇتوچنڊ ويجھو سومرا موري وٽ ڪلري واھ ۾ وھجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، جنھن جو لاش مقامي ملاحن پاران 2 ڪلاڪن جي ڳولا بعد ڪڍي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جن لاش سول اسپتال مڪلي پھچائي ضروري ڪاروائي بعد لاش ڪراچي کڻائي ويا، بڌايو پيو وڃي تہ فوتي نوجوان اصل ڪوئٽہ جو رھواسي آھي، جيڪو دوستن سان گڏ يوم عاشوري واري ڏيھاڙي تي ڇتوچنڊ لڳ ڪلري واھ ۾ وھنجندي بڏي فوت ٿي ويو.
==========================


