
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان سني تحريڪ سنڌ جي سينئر صوبائي اڳواڻ مولانا علي نواز قاسمي طرفان شهر جي جامع مسجد گلستان مدينه مينهل آباد ڪالوني ۾ جمعي جي نماز کان يوم تحفظ ناموس رسالت ﷺ جي عنوان سان اجتماع ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ پي ايس ٽي ڊويزن لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري شمس الدين سروهي، ضلعي صدر حافظ مدد علي قادري، حافظ رياض علي چانڊيو، قمر الدين شيخ، حافظ امام الدين ميراڻي، محمد علي قاسمي، حافظ محمد عيسيٰ، عطاء الله، گلاب کچي، حاجي روشن انڙ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجتماع کي خطاب ڪندي پي ايس ٽي اڳواڻ مولانا علي نواز قاسمي چيو ته اسان اڄ 15 مارچ تي يوم تحفظ ناموس رسالت واري ڏينهن کي حڪومتي سطح تي ملهائڻ واري فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا، جڏهن ته هي ڏينهن حڪومتي سطح تي ملهائڻ جي حوالي سان پارٽي سربراھ محمد شاداب رضا نقشبندي طرفان حڪومت کي 10 نڪاتي تجويزون پڻ موڪليون ويون آهن ۽ اسان اميد ٿا ڪريون ته انهن تجويزن عمل درآمد کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته هيءُ ڏينهن فقط هڪ رسمي رواجي ڏينهن تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر ان کي عملي قدم کڻي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي، جڏهن ته پاڪستان سني تحريڪ طرفان موڪليل خط ۾ حڪومت کي مختلف تجويزون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ قراردادون پاس ڪرڻ، سرڪاري سطح تي سيمينار، ڪانفرنسون ۽ گڏجاڻيون ڪوٺائڻ، صدر ۽ وزيراعظم طرفان خصوصي خطاب ۽ گستاخانه مواد خلاف سخت قانون سازي شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ناموسِ رسالت، عظمتِ قرآن، صحابه ڪرام ۽ اهل بيت جي عزت بابت قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، جڏهن ته ٽي وي، ريڊيو ۽ سوشل ميڊيا تي سيرت النبي ﷺ بابت خاص پروگرامن جو اهتمام ڪيو وڃي، تعليمي نصاب ۾ سيرت النبوي ﷺ بابت مواد وڌيڪ شامل ڪيو وڃي ۽ نوجوان نسل ۾ عشقِ رسول ﷺ کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ آگاهي مهم هلائي وڃي، جڏهن ته عالمي سطح تي گستاخانه عملن جي روڪٿام لاءِ پاڪستان اسلامي ملڪن سان گڏجي گڏيل قومن ۽ ٻين بين الاقوامي فورمن تي مضبوط موقف اختيار ڪري ۽ عوامي سطح تي پرامن ريليون، درود و سلام جون محفلون، ۽ خاص دعائيه تقريبون ڪوٺايون وڃن ته جيئن عشقِ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جو جذبو وڌيڪ پروان چڙهي.


