
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي نئين چونڊيل چیئرمین ادا محمد ميمڻ حلف کڻڻ شرط ئي پنھنجون ذميواريون سنڀاليندي ٺٽي شھر کي صاف سٿرو رکڻ لاء پھرين مرحلي ۾ شھر جي وڏن گٽر نالن جي صفائي وارو عمل ڳرين مشينن توڙي ڪراچي کان گھرايل صفائي واري ٽيم پاران بائي پاس ٺٽو لڳ ُمُڇارا کان نالن جي صفائي جو ڪم تيزي سان جاري ڪرائي ڇڏيو آھي، جيئن برساتن کان اڳ شھر جا سمورا ننڍا، وڏا گٽر نالا صاف سٿرا ٿي وڃن، جيئن برساتن دوران پاڻي کي نيڪال ٿيڻ ۾ ڪابہ رڪاوٽ پيش اڇي نہ سگھي ۽ نہ ئي شھرين کي ڪا پريشاني ٿي سگھي. ان سلسلي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ چيو تہ کيس جيڪا ذميواري سونپي ويئي آھي، ان کي بھتر طريقي سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪندس، ھن چيو تہ گذريل 15 سالن کان وٺي ٺٽي شھر جي وڏن گٽر نالن جي صفائي نہ ٿيڻ ڪري بلڪل چوڪ ٿي ويا آھن، جن مان گندي پاڻي جو گذر نہ ٿيڻ ڪري اھو پاڻي نڪرڻ نہ ڪري نقصان ڪري ٿو، پر ھن ايندي ئي ڳرين مشينن سميت ڪراچي کان صفائي واريون ٽيمون گھرائي گٽرن جي صفائي وارو عمل شروع ڪرائي ڇڏيو آھي، جن جي صاف ٿيڻ بعد پاڻي جو ھڪ ڦڙو بہ شھر ۾ نظر نہ ايندو، ادا محمد ميمڻ وڌيڪ چيو تہ ٻيو مسئلو ھتي پيئڻ جي پاڻي جو آھي، جنھن کي بہ حل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آھن، ھن چيو تہ ڄامواھ واري واٽر سپلاء جي لائين سميت ٺٽي شھر جي مين واٽر سپلاء تي بجلي جي 24 ڪلاڪ واري ڪنيڪشن لڳرائي ويندي، جيئن پاڻي جو بحران مڪمل ختم ٿي سگھي، ان کانسواء واٽر سپلاء لائين مان چوري ٿيندڙ پاڻي کي بہ ڀنجو ڏيئي، ان عمل ۾ ملوثن خلاف ڀہ قانوني ڪاروائي ڪرائي ويندي، ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ چيو تہ ھو اڳ بہ ساڳئي اداري ۾ پنھنجون ذميواريون ادا ڪري چڪو آھي، انشا الله ان اداري کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٺٽي جي شھرين جا سمورا مسئلا بنا فرق جي حل ڪري کين شڪايت جو ڪوبہ موقعو فراھم ڪونہ ڪندس، شھري بہ سندس مڪمل ساٿ ڏين، ھن چيو تہ سندس اچڻ بعد سمورن ملازمن کي ھدايتون ڪيون ويون آھن تہ ھو پنھنجون ڊيوٽيون ايمانداري سان ادا ڪن، ڪنھن بہ گوسڙو ملازم کي بخش نہ ڪيو ويندو، ادا محمد ميمڻ چيو تہ جلد ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي خراب ٿيل سموري مشينري کي صحيح حالت ۾ آندو ويندو، جيئن ضرورت وقت ڪم اچي سگھي. ھن چيو تہ ھو سمورن سياسي، سماجي اڳواڻن، شھرين جو ٿورائتو آھي، جن کيس ھيڏو سارو مان ڏيئي محبتن جو اظھار ڪيو آھي، ھن چيو تہ ھو بہ کين ڪنھن بہ صورت ۾ اڪيلو نہ ڇڏيندو، سندس وس ۾ جيڪو بہ ھوندو عوام جي فلاح و بھبود لاء ڪم ڪندو رھندو. ھن چيو تہ سندس آفيس توڙي گھر جا دورازا عوام لاء ھر وقت کليل آھن، ھو عوام جي خدمت ۾ ھر وقت ڪوشان آھي
======
Load/Hide Comments


