جهمپير لڳ ڪينجھر ڍنڍ ڪناري مولدي مياڻ ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش، ذهني اپاهج نينگري سان جوابدار پاران زوري زيادتي، ڪيس داخل جوابدار گرفتار، وارثن جو مڪلي تي احتجاج، انصاف جو مطالبو،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) جهمپير لڳ ڪينجھر ڍنڍ ڪناري مولدي مياڻ ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش، ذهني اپاهج نينگري سان جوابدار پاران زوري زيادتي، ڪيس داخل جوابدار گرفتار، وارثن جو مڪلي تي احتجاج، انصاف جو مطالبو، تفصيل موجب جھمپير لڳ ڪينجھر ڍنڍ ڪناري مولدي مياڻ جي رھواسي پورھيت غلام حيدر ماڇي جي 14/15 سالہ اپاھچ نياڻي صغريٰ سان آٿا وليج جي وحشي صفت انسان حسن ولد الھڏنو آٿو پاران زبردستي زيادتي ڪري (زنا) جو نشانو بنايو ويو، جنھن نياڻي کي سول اسپتال مڪلي علاج لاء آندو ويو، ٻئي طرف جھمپير ٿاڻي تي وحشي جوابدار حسن ولد الھڏنو آٿو خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو، جنھن بعد جھمپير پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جھمپير پوليس موجب ان واقعي جو نوٽيس ايس ايس پي ٺٽو پاران ورتو ويو آھي، جنھن جي خاص ھدايتن تي زيادتي جو نشانو بڻيل اپاھج نياڻي صغريٰ جي والد غلام حيدر ماڇي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري نياڻي کي علاج لاء سول اسپتال مڪلي موڪليو ويو آهي، جتي سندن جزا مئچ ڪرائي حقيقت کي سامھون آڻي جوابدار کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو، ٻئي طرف زيادتي جي شڪار بڻيل اپاھج نياڻي صغريٰ جي والد غلام حيدر ماڇي پنھنجي اپاھج نياڻي صغريٰ سميت ٻين گھر ڀاتين سان گڏ پريس ڪلب مڪلي پھچي دانھيندي چيو تہ ظالمن ساڻن وڏو ظلم ڪري سندن نياڻي جي زندگي تباھ ڪري ڇڏي آھي، ھن چيو تہ جوابدار ڌر پاران ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاء مختلف حربا استعمال ڪري اسانکي پريشان ڪيو پيو وڃي ۽ گذريل رات اسانجي ھڪ پورھيت شبير ماڇي کي آٿا برادري جي پوليس اھلڪارن بلاجواز گرفتار ڪري ھڪ ھٿ ٺوڪي ڪيس ۾ کيس چالان ڪري بدين جيل موڪلڻ سميت ھاڻي اسانجي غيرموجودگي ۾ ھو غلط بياني ڪري پوليس کي گھمراھ ڪري اسان مٿان سندن زمينن کي باھيون ڏيڻ جھڙا الزام مڙھي رھيا آھن، ھنن گھر ڪئي تہ وحشي صفت جوابدار حسن ولد الھڏنو آٿو کي سخت کان سخت سزائون ڏياري وڌيڪ نياڻين کي انھن جي ظلم و جبر مان نجات ڏياري وڃي. ٻئي طرف جھمپير جي سولنگي برادري جي معزز اڳوڻي يوسي چيئرمين محمد ھاشم سولنگي جھمپير لڳ مولدي مياڻ ۾ آيل وحشتپڻي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مدد ڪندي چيو آھي تہ اھو واقعو انتھائي شرمناڪ آھي، جيڪو عمل برداشت کان ٻاھر آھي، ھن چيو تہ اھڙي واقعي بعد اڃان تائين متاثر نياڻي جي پرگھور لھڻ لاء بہ ڪير ناھي پھتو، ھن چيو تہ ماڇي برادري جي روزگار جو وسيلو مڇي ماري ٻچن جو پيٽ گذر ڪرڻ تي آھي، جن جي تڙن ۽ رستن تي بہ آٿا برادري جي ماڻھن پاران قبضا ڪيا ويا آھن، ھن پڻ وس وارن سميت سولنگي ۽ ملاح برادري کي اپيل ڪئي تہ ھو ھن معاملي ۾ سندن مدد ڪري اپاھج نياڻي سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائي انھن جي ڪپڙن ۽ جزن جون ٽيسٽون ڪرائي جوابدار کي سخت کان سخت سزائون ڏياريون وڃن.

اپنا تبصرہ بھیجیں