ٺَٽو شھر ڏوھارين حوالي، ٺٽي شھر ۾ ڏوھي وارداتون ڏينھون ڏينھن وڌڻ لڳيون، پُوليس جي رِٽ مُڪَمل طُور تي ناڪام بَڻيل، شھري عَدم تحفظ جو شِڪار بڻجي ويا،

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ٺَٽو شھر ڏوھارين حوالي، ٺٽي شھر ۾ ڏوھي وارداتون ڏينھون ڏينھن وڌڻ لڳيون، پُوليس جي رِٽ مُڪَمل طُور تي ناڪام بَڻيل، شھري عَدم تحفظ جو شِڪار بڻجي ويا، انتظاميہ عوام جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام، شھري ڦرجڻ روز جو معمول بڻيل، تَفصيل موجب گُذريل رات ٺٽي جي سينيئر صحافي اعجاز واريو جي فرزند صحافي شيراز واريو ۽ سندس دوست ڪامران ھالو محمد علي ميربحر کان ٺٽي شھر جي آگر محلي ۾ سينيئر صحافي اعجاز واريو جي گھر وٽان موٽر سائيڪل سوار ٽن نامعلوم ھٿياربند ڦورن ھٿيارن جي زور تي موبائل فُون ۽ ھزارين روپيہ ڪيش رَقم سَري عام ڦُر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، جنھن بعد اھڙو اطلاع ٺٽو پوليس کي ڏنو ويو، ايس ايڇ او ٺٽو جاء واردات تي پھچي صحافي شيراز واريو کان تفصيل معلوم ڪري کين خاطري ڪرائي تہ جلد ڏوھارين کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل موبائل فون ۽ ڪيش رقم واپس ڪرائي ڏوھارين کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو، پر ڪيترو وقت گذرڻ باوجود پوليس ڪابہ ڪاروائي ڪري ناھي سگھي، بئي طرف ٺٽي ضلعي سميت سَڄي سِنڌ جي صحافين توڙي سِول سوسائٽي جي نمائندن، سياسي سَماجي اڳواڻن اھڙي ڦر واقعي جي سَخت لَفظن ۾ مُذمت ڪَندي چيو آھي تہ ٺٽي جا شھري عَدم تحفظ جو شِڪار ٿي ويا آھن، پوليس جي رِٽ مُڪَمل طُور تي ناڪام ٿي ويئي آھي، ھنن چيو تہ ٺَٽي شھر ۾ چوريون ڦُرون عام ٿي ويون آھن، ڪيترن ئي ماڻھن کي روڊ رستن تي سَري عام ڦُر ڪَري لُٽيو، ڦريو پيو وڃي، جنھن ڪري امن امان جي صورتحال انتھائي خراب ٿي ويئي اھي، جيڪو عمل ٺَٽُو پوليس جي ناڪامي ظاھر ڪري ٿو، جيڪا ڏوھارين اڳيان بيوس بڻيل آھي، ھنن ايس ايس پي ٺَٽُو، ڊي آئي جي حيدرآباد، آئي جي سنڌ ۽ ٻين کان گُھر ڪئي آھي تہ صحافي شيراز واريو ۽ سندس دوستن کان ڦُر ڪندڙ ڏوھارين خلاف ڦُوري ڪاروائي ڪَري کانئن ڦر ڪيل موبائل فون ۽ ڪيش رَقم واپس ڪرائي وڃي، عوام جي جان، مال ۽ ملڪيتن جو تحفظ ڪري امن امان جي صورتحال بھتر ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ سَخت احتجاج ڪيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں