زرعي يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر ميرٽوريئس پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف سيال صاحب صرف ڏهن مهينن جي مختصر عرصي ۾ اداري کي عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن،

زرعي يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر ميرٽوريئس پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف سيال صاحب صرف ڏهن مهينن جي مختصر عرصي ۾ اداري کي عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن، اهي يقيناً تاريخي ۽ قابلِ تعريف آهن۔ مختلف ملڪن جي يونيورسٽين، ادارن ۽ سائنسي آرگنائيزيشنز سان ٿيل معاهدن، گڏيل تحقيق، سيمينارن ۽ اڪيڊمڪ پروگرامن ذريعي نه صرف يونيورسٽي جي ساک مضبوط ٿي آهي، پر شاگردن، استادن ۽ سائنسي تحقيق لاءِ نيون راهون پڻ کلي ويون آهن۔
چين، آذربائيجان ۽ ٻين دوست ملڪن سان تعاون جا معاهدا يونيورسٽي لاءِ وڏو اعزاز آهن، جن سان جديد علمي مٽاسٽا، جديد ٽيڪنالاجيءَ تائين رسائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل ريسرچ جا نوان در کليا آهن۔ عالمي ڪانفرنسن، سوشل سائنسز سيمينارن ۽ ٻين سائنسي سرگرمين ۾ زرعي يونيورسٽي جي شرڪت سنڌ جي علمي دنيا لاءِ هڪ اهم پيشرفت آهي۔
وقتي وائيس چانسلر ميرٽوريئس پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف سيال صاحب نه صرف تحقيق ۽ تدريس کي جديد رخ ڏنو آهي، پر انتظامي، اداري ۽ تحقيقي ڪارڪردگي کي به مضبوط بڻايو آهي، جنهن سان يونيورسٽي جي ساک ۽ ترقي جي رفتار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي۔ انهن ڪاميابين مان ثابت ٿئي ٿو ته زرعي يونيورسٽي روشن مستقبل ڏانهن اڳتي وڌي رهي آهي ۽ عالمي سطح تي پنهنجو مقام مضبوط ڪري رهي آهي

اپنا تبصرہ بھیجیں