لاڙڪاڻي ۾ قومي سالميت، استحڪام سميت امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ پيغام پاڪستان جي سِري هيٺ ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر اظهر شاهه جي صدارت هيٺ تقريب ڪوٺائي وئي

لاڙڪاڻو رپورٹ محمد عاشق پٹھان ===لاڙڪاڻي ۾ قومي سالميت، استحڪام سميت امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ پيغام پاڪستان جي سِري هيٺ ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر اظهر شاهه جي صدارت هيٺ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مهمان خاص ناليواري تعليمدان، شاعر ۽ اديب ڄام جمالي، اسٽنگ ڊائريڪٽر رحيم بخش مغيري، حنا شاهه، حسين علي ڪنڀر، ڊاڪٽر اياز ميتلو، ڊاڪٽر نديم ڪناسرو، صبا نوناري، شگفته شيخ، شاگردن، ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پرو وائيس چانسلر ۽ ٻين چيو ته سنڌ صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي جتي ڪنهن به انتهاپسندي يا شرپسندي جي ڪائي گنجائش ناهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي سچل سرمست سميت ٻين صوفين، اوليائن ۽ بزرگن هميشه امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي ان ڌرتي تي اڄ عدم برداشت جي ڪري روزانو بيگناهه ماڻهو ماريا ٿا وڃن، هڪ انسان جي بيگناهه رت وهڻ سان ان جي پٺيان ڪيترائي فرد پوري زندگي جي لاءِ معاشي توڙي سماجي طور ترقي ڪرڻ جي اهليت کان به محروم ٿين ٿا. هنن چيو ته اسان کي پنهنجي وچ ۾ پيدا ٿيل ويڇا ختم ڪري امن طرف اچڻو پوندو جنهن سان ئي اسان قومي سالميت ۽ استحڪام کي برقرار رکي سگهون ٿا جيڪو اسان جي ايمان جو اهم جز آهي ان سان سماج جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. اڄوڪي هي تقريب ڪوٺائڻ جو مقصد قومي سالميت، استحڪام سميت امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سول سوسائٽي سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اِهو پيغام ڏيڻ آهي ته اسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ اسان جو ملڪ پاڪستان ۽ ان جي ڌرتي آهي ان لاءِ اسان سڀني کي قومي سالميت ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو جيئن اسين سماج ۾ پيدا ٿيل ويڇن کي ختم ڪري هڪ نئين مستقبل جي شروعات ڪري سگهون.
======================

اپنا تبصرہ بھیجیں