شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي آفيسرز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سووا جي نئين چونڊيل باڊي جي حلف برداري جي تقريب ٿي گذري جنھن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ ڪئي ،

لاڙڪاڻو (رپورٽ: محمد عاشق پٹھان) شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي آفيسرز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سووا جي نئين چونڊيل باڊي جي حلف برداري جي تقريب ٿي گذري جنھن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ ڪئي ، جڏھن پروگرام جو مک مھمان بلاول ڀٽو جو پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ پ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبر جميل احمد سومرو ڪئي ، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ سووا جي نون چونڊيل عهديدارن کان حلف کڻايو ، سووا جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي مھر سپاس نامو پيش ڪيو ۽ مھمان کي ڀليڪار چيو
ھن سپاس نامي ۾ آفيسرن سان درپيش مسئلن کان وائيس چانسلر کي آگاہ ڪيو ، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو تہ مونکي انتھائي خوشي آھي تہ يونيورسٽيءَ جا آفيسر انتھائي محنتي ۽ جفاڪش آھن ، آفيسر ڪنھن بہ اداري جي شھ رڳ ھوندا آھن ۽ سندن مطالبا جائز آهن ۽ ڪوشش ڪري جلد حل ڪيا ويندا ، ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ جميل احمد سومرو ڳالھائيندي چيو تہ مونکي انتھائي خوشي آھي تہ مان ان اداري اندر موجود آھيان ، جنھن جو بنياد چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي صورت ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو ۽ ھيء يونيورسٽي شھيد راڻيءَ جو خواب آھي ، ھن وڌيڪ چيو تہ يونين جو بنياد ۽ تصور شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڏنو ۽ بلاول ڀٽو صاحب جو خواب آھي تہ پرائمري کان يونيورسٽي تائين تعليم مفت ڪئي وڃي ، مان يونيورسٽيءَ جا مسئلا اعليٰ اختيارن تائين پھچائيندم ، تقريب کي سووا جي صدر ممتاز علي ٻرڙو پڻ خطاب ڪيو ۽آيل مھمان جا ٿورا مڃيا
========================

اپنا تبصرہ بھیجیں