
ڪراچي (10 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت چونڊيل نمائندن ۽ شهري ادارن سان گڏجي ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن شهرين کي بچائي سگهجي ڇاڪاڻ تہ سڄي صوبي ۾ تيز برساتون ۽ دريائن جي وڌندڙ سطح نوان چيلينج پيدا ڪري رهيون آهن۔ ھن اھا ڳالھ اربع ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي جڏهن هن مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان مراد جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهي سڄي رات عوام جي خدمت ۾ مصروف رهيا۔ هن وڌيڪ چيو ته هن وقت صوبائي وزير ۽ اعليٰ آفيسر به مون سان فليڊ ۾ موجود آهن۔ وڏي وزير مراد علي شاهه ملير ۾ گذريل رات 4 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته صبح جو ڪورنگي ڪاز وي وٽ ڦاٿل ڪيترن ئي ماڻهن کي ريسڪيو ٽيم بچايو۔ هن شهرين کي اپيل ڪئي ته هو سرڪاري هدايتن تي سختيءَ سان عمل ڪن۔ سندس چوڻ هو ته آءٌ سڀني ادارن کي سلام پيش ڪريان ٿو، چونڊيل نمائندا، انتظاميا، پي ڊي ايم اي، ريسڪيو 1122 ۽ ٻيا ادارا سڀ ويجهي رابطي سان اثرائتي نموني صورتحال کي سنڀالين پيا۔ وڏي وزير ٻڌايو ته برساتون حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر، ڄامشورو ۽ دادو ۾ به پيون۔ سندس چوڻ هو ته ٿرپارڪر جا ننڍا ڊيم ڀرجي ويا آهن جنهن سان مقامي ماڻهن کي رليف مليو آهي۔ هن ٻڌايو ته حڪومت 9 لک ڪيوسڪ جي وهڪرن لاءِ تياريون ڪيون هيون جڏهن ته 5 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي اڳ ئي گڊو بئراج تائين پهچي چڪو آهي جنهن سبب رليف ڪيمپس ۽ طبي سهولتون قائم ڪيون ويون آهن۔ هيستائين 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي سرڪاري ميڊيڪل ڪيمپن ۾ علاج فراهم ڪيو ويو آهي جڏهن ته پي ڊي ايم اي جا موبائل اسپتال به موجود آهن۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هڪ ملين کان وڌيڪ چوپائي مال کي ويڪسين ڏني وئي آهي ته جيئن ڳوٺاڻن جي گذر سفر محفوظ رهي۔ مراد علي شاهه چيو ته دريائن ۽ نالن تي قبضا شهري ٻوڏ جو وڏو سبب آهن۔ ڪابه حڪومت دريائن جي ڀرسان هائوسنگ سوسائٽي ٺاهڻ جي اجازت ناهي ڏني پر پاڻيءَ جي قدرتي وهڪري کي روڪڻ فطرت جي خلاف آهي ۽ بدقسمتيءَ سان هتي اهو ڪيو ويو آهي۔ هن چيو ته چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري پنجاب، گڊو ۽ سکر جو دورو ڪيو ۽ فوري طور عالمي ادارن سان رجوع ڪيو۔ هن چيو ته سنڌ صورتحال کي سنڀالي رهي آهي پر پنجاب ۽ خيبر پختونخوا وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن تنهنڪري وفاقي حڪومت کي رليف حڪمت عملي بابت صلاح ڏني وئي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڏکڻ پنجاب ۽ سکر ۾ تقرير ڪندي زور ڏنو ته حڪومت کي فوراً عالمي ادارن سان رابطو ڪرڻ گهرجي۔ سندس چوڻ هو ته جڏهن بلاول ڀٽو پرڏيهي وزير هو تڏهن هن نه رڳو رليف پر بحالي لاءِ به عالمي ادارن کي سرگرم ڪيو هو ۽ انهن مثبت جواب ڏنو هو۔ وڏي وزير چيو ته خوشقسمتيءَ سان سنڌ ۾ اڃا اهڙي صورتحال پيدا نه ٿي آهي پر گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب ۾ حالتون سنجيده آهن تنهنڪري بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کي صلاح ڏني آهي ته فوراً عالمي ادارن کان مدد طلب ڪئي وڃي۔ گذريل آفتن کي ياد ڪندي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت 2008، 2012، 2014، 2015، 2020 ۽ 2022 جي ٻوڏ جي چيلينجن جو مقابلو ڪيو آهي۔ اسان هميشه پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيٺا آهيون، اڄ به پيپلزپارٽي جا ورڪر، چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا عوام سان گڏ آهن۔ تنقيد جي جواب ۾ هن چيو ته هو تعميري تنقيد کي ڀليڪار ڪري ٿو پر بحران ۾ منفي سياست جي مذمت ڪري ٿو۔ ڪمزورين جي نشاندهي ٺيڪ آهي پر بيجا تنقيد نامناسب آهي۔ منهنجو ڪم خدمت آهي ۽ مان اهو ڪم ڪندو رهندس۔ ملير ايڪسپريس وي بابت وڏي وزير چيو ته هي منصوبو حفاظتي پشتي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ هن جي تعمير دوران وچ ۾ تنقيد ڪرڻ صحيح ناهي، منصوبي کي مڪمل ٿيڻ ڏيو ۽ پوءِ ان جو جائزو وٺو۔ آخر ۾ هن دعا ڪئي ته الله سنڌ ۽ ان جي ماڻهن تي رحمت ڪري۔
دورو: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهر جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊگهو دورو ڪيو۔ سڀ کان پهرين هن قيوم آباد ۽ ڪورنگي ڪاز وي جو دورو ڪيو جتي هن ڊي واٽرنگ آپريشن جو جائزو ورتو۔ قيوم آباد فلائي اوور وٽ پاڻي گڏ ٿي ويو هو جتي مشينري لڳايل هئي۔ وڏي وزير چيو ته ڪورنگي ڪاز وي هڪ درياهه جو منظر پيش ڪري رهيو آهي ۽ هدايت ڪئي ته ملير ندي جي وهڪري ۾ گهٽتائي اچڻ بعد ان کي ڪليئر ڪيو وڃي۔ بعد ۾ هن شاهراهه ڀٽو ۽ ملير ندي جي آئوٽ فال جو معائنو ڪيو جتي چيـف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کيس سڄي رات جي ريسڪيو ڪوششن بابت بريفنگ ڏني۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته ھيٺائين علائقن جي شهرين کي مسلسل صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ KMC، PDMA، ريسڪيو 1122، ميونسپل ٽائون انتظاميا، واٽر بورڊ ۽ پوليس سڀ رليف آپريشن ۾ سرگرم رهن۔ هن پوليس کي هدايت ڪئي ته ٽريفڪ جو وهڪرو يقيني بڻائڻ لاءِ تعيناتي ڪئي وڃي۔ ملير 15 تي هن ٽريفڪ انتظام ۽ پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو ۽ هدايت ڪئي ته جيئن ئي برسات رڪجي ھيٺائين علائقن مان پاڻي فوري صاف ڪيو وڃي، ساڳئي وقت ضلعي انتظاميا ۽ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ کي صفائي جاري رکڻ لاءِ چيو۔ وڏي وزير بعد ۾ سعدي ٽائون پهتو جتي کيس بريفنگ ڏني وئي ته لٺ ۽ ٿڌو ڊيم اوور فلو ھجڻ سبب موٽر وي ٽائون ۾ داخل ٿي ويو آهي۔ هن گاڏي مان لهي شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ فوري ڪارروائي جي خاطري ڪرائي۔ هن واٽر بورڊ، ريسڪيو 1122 ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊ کي ڊي واٽرنگ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔ ان کان پوءِ مراد علي شاهه جناح ايونيو پهتو جتي هن مهراڻ نالي سان ڳنڍيل ڊرينيج سسٽم ۽ اتي لڳل مشينري جو معائنو ڪيو۔ اتان هو لياري ندي پهتو ۽ نيڪال جي صورتحال جو جائزو ورتو۔ هن چيو ته لياري ندي منگهوپير ۽ گڏاپ جبلن مان وهي، اورنگي ٽائون، سائيٽ ايريا، ناظم آباد، لياقت آباد، گل بهار کان ٿيندي کارادر، مٺادر، ويسٽ وھارف ۽ آخر ۾ بندرگاهه تائين وڃي ٿي۔ وڏي وزير چيو ته لياري ندي ۾ پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌيڪ آهي پر وهڪرو مسلسل جاري آهي۔ پنهنجي دوري دوران هن بار بار هدايت ڪئي ته رليف سرگرمين ۾ تيزي آندي وڃي، سڀ شهري ادارا پاڻ ۾ تعاون ڪن ۽ شهرين کي لڳاتار آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن برسات دوران مشڪلات گهٽ کان گهٽ ٿين۔
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ


