صوبائي وزير ناصر شاهه پاران فائر فائٽرز جي عالمي ڏينهن تي فائر فائٽرز کي خراج تحسين


ڪراچي
تاريخ 4 مئي 2023
ڪراچي (): مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه فائر فائٽرز جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي فائر فائٽرز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فائر فائٽرز جي خدمتن کي سڄي دنيا ۾ خاص اهميت ڏني ويندي آهي ۽ اسان جا فائر فائٽرز پڻ خراج تحسين جا مستحق آهن. هن چيو ته خراب حالتن ۾ به اسان جا فائر فائٽر وڏي جذبي سان ڪم ڪري رهيا آهن. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ فائر اسٽيشنن جو انگ وڌڻ ضروري آهي ۽ سنڌ حڪومت ان حوالي سان ضروري قدم کڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته فائر فائٽرن لاءِ جديد سامان جي فراهمي ضروري آهي جنهن لاءِ خاص فنڊ مختص ڪيا وڃن. هن چيو ته فائر فائٽرن کي جديد حفاظتي سامان ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي جهڙي وڏي شهر کي متحرڪ فائر برگيڊ جي ضرورت آهي. هن چيو ته فائر برگيڊ سسٽم ۾ جدت لاءِ سمورا اپاءَ ورتا وڃن ۽ شهر ۾ اهڙا ادارا قائم ڪرڻ جي به ضرورت آهي جتي فائر فائٽرز کي ضروري تربيت ڏني وڃي.
محمد شبيهه صديقي
ڊائريڪٽر اطلاعات کاتو/ پبلڪ رليشنز جو ڊائريڪٽر
صوبائي وزير بلديات اينڊ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ
=================

اپنا تبصرہ بھیجیں