ور شھر شھر ۾ گرماڻي برادري جي شادي تقريب ۾ گرماڻي ۽ بروھي برادري جو ٻارن جي معمولي ڳالھ تان جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري ھڪ پيرسن شخص فوت،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ور شھر شھر ۾ گرماڻي برادري جي شادي تقريب ۾ گرماڻي ۽ بروھي برادري جو ٻارن جي معمولي ڳالھ تان جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري ھڪ پيرسن شخص فوت، ڪيتريون ئي عورتون ۽ ٻارڙا زخمي، خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، ٻنھي ڌرين ۾ ڪشيدگي برقرار، 2 حملي آور جوابدار گرفتار، تفصيل موجب ور شھر ۾ گرماڻي برادري جي شادي تقريب ۾ گرماڻي ۽ بروھي برادري جي وچ ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالھ تان جھيڙو ٿيڻ دوران پيرسن محمد حسن ملاح ڌڪ لڳڻ ڪري موقعي تي مارجي ويو، جڏھن تہ ڪيتريون ئي عورتون، ٻارڙا ۽ مرد پڻ زخمي ٿي پيا، سندن خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، فوتي شخص جي وارثن الزام ھڻندي چيو آھي تہ سندن پيرسن محمد حسن ملاح کي جھيڙي دوران بروھي برادري جي ماڻھن ڌڪ ھڻي موت جي ننڍ سمھاري اسانجي ڪيترن ئي عورتن ۽ ٻارڙن کي بہ زخمي ڪري ڇڏيو آھي، جيڪي علاج ھيٺ آھن، ٻئي طرف فوتي پيرسن محمد حسن ملاح جو لاش پوليس پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ابو بروھي سميت ٻن حملي آورن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي، پيرسن شخص جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، ٻئي طرف متاثر گرماڻي برادري جـي متاثر ماڻھن جو چوڻ ھو تہ اسان جي گھر ۾ شادي جون رسمون ھلندڙ ھيون ته بروھي برادري جي ماڻھن اوچتو حملو ڪري اسانجي عورتن ۽ نوجوانن کي لٺيون ۽ لوھي سريا ھڻي زخمي ڪيو، جنھن جھيڙي ۾ اسانجي پيرسن محمد حسن ملاح کي ڇاتي ۾ لٺ لڳي، جيڪو فوت ٿي ويو آھي، ھنن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪندي سمورن حملي آور جوابدارن کي گرفتار ڪري ٿيل ناانصافي جو ازالو ڪرائي کين تحفظ ڏيڻ جي گھر ڪئي آھي.
=========================

اپنا تبصرہ بھیجیں