غلام الله لڳ ڳوٺ بقادار ناھيو جو روڊ مرمت نہ ٿيڻ ڪري ٽٽي تباھ ٿي زبون حال بڻجي ويو، گاڏيون ھلڻ بہ مشڪل بڻيل، رھواسين جون دانھون روڊ نئي سر تعمير ڪرائي ڳوٺاڻن کي پريشاني کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) غلام الله لڳ ڳوٺ بقادار ناھيو جو روڊ مرمت نہ ٿيڻ ڪري ٽٽي تباھ ٿي زبون حال بڻجي ويو، گاڏيون ھلڻ بہ مشڪل بڻيل، رھواسين جون دانھون روڊ نئي سر تعمير ڪرائي ڳوٺاڻن کي پريشاني کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ غلام اللہ لڳ ڳوٺ بقادار ناھيو جي ڪيترن ئي رھواسين سندن ڳوٺ جو روڊ نئي سر تعمير ڪرائڻ لاء احتجاج ڪندي غلام علي ناھيو، عبدالطيف، غلام رسول، محمد سليمان، غلام مصطفيٰ ناھيو ۽ ٻين چيو تہ سندن ڳوٺ جو روڊ ڪيتري ئي وقت کان مرمت نہ ٿيڻ ڪري مڪمل ٽٽي تباھ ۽ برباد ٿي ويو آھي، جيڪو ھاڻي ھلڻ جي قابل بہ ناھي رھيو، ويتر ڪجھ ڏينھن اڳ پيل برسات سموري ڪسر پوري ڪري ڇڏي آھي، ھنن چيو تہ سندن ڳوٺ 600 سئو گھرن تي مشتمل ھجڻ سان گڏ ان جي 1800 ووٽ داخل ھجڻ باوجود ھن ڳوٺ کي ھميشہ نظر انداز ڪيو ويو آھي، ھنن چونڊيل نمائندن سميت ڊي سي ٺٽو کي اپيل ڪئي تہ سندن زبون حال ڳوٺ جي روڊ جي نئين سر تعمير ڪرائي ڳوٺاڻن کي پريشاني کان بچائي بھتر سفري سھولتون مھيا ڪيون وڃن، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
==================

اپنا تبصرہ بھیجیں