جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي MNA محمد حسين محنتي چيو آھي تہ ڪرپشن، مفادن توڙي انتقامي سياست سان ملڪ کي وڏو نقصان پھتو آھي،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي MNA محمد حسين محنتي چيو آھي تہ ڪرپشن، مفادن توڙي انتقامي سياست سان ملڪ کي وڏو نقصان پھتو آھي، سياسي قيادت جي ضد ۽ انا جي ڪري ملڪ سياسي ۽ معاشي طور بحران جي ور چڙھي ويو آھي، جنھن مان نجات ڏيارڻ جو واحد ذريعو اليڪشن ۽ ايماندار قيادت کي چونڊڻ ضروري آھي، عوام کي بہ گھرجي تہ ھو ديانتدار قيادت کي چونڊين جيڪا ئي کين سمورن بحرانن مان ڪڍي سگھي ٿي. ھن اھي ڳالھيون جماعت اسلامي ٺٽو پاران نور فائونڊيشن اسڪول ٺٽو ۾ منعقد ڪيل عيد ملن پارٽي کي خطاب ڪندي ڪيون. جماعت اسلامي سنڌ جي امير، اڳوڻي ايم اين اي مُحمد حسين محنتي وڌيڪ چيو تہ قران ۽ سنت جو نفاذ ئي مھنگائي، بدامني سميت اسانجي سمورن مسئلن جو حل آھي، ھن چيو تہ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي، حڪومت عوام جي جان، مال جي حفاظت لاء سخت قدم کڻي، ھن چيو تہ اتحاد امت ذريعي ئي امت مسلمہ طاغوني سازشن ۽ گھربل مسئلن مان نجات حاصل ڪري سگھي ٿي، ھن چيو تہ جماعت اسلامي ملڪ جي واحد ديني ۽ سياسي جماعت آھي، جيڪا ھر ڪرپشن، لوٽمار کان آجي ھجڻ سان گڏ ملڪ ۾ شريعت جي نظام کي لاڳو ڪرڻ جي جدوجھد ڪري رھي آھي، خطاب ڪندي جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي جي امير الطاف احمد ملاح، غلام شفيع سمون، جماعت اسلامي ٺٽي جي امير عبدالله آدم گندرو، مولانا عطاء رحمن بلوچ، ايڊوڪيٽ عبدالمجيد سمون، محمد علي خٽڪ ۽ ٻين چيو تہ جماعت اسلامي حسيني مشن جي پيروڪار آھي، ٺٽي ۾ جيڪڏھن ڪا اپوزيشن آھي تہ اھا جماعت اسلامي آھي، ھنن چيو تہ پاڻي کان محروم ڪوھستان واسين جي زمينن تي بااثر قٻصاگيرن، بلڊر مافيا ۽ سرمائيدارن پاران قبضا ڪري کين بيدخل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ڪوھستاني پٽي ۾ ٺھندڙ بجلي کان بہ ڪوھستان واسين کي محروم رکي کين روزگار بہ نٿو ڏنو وڃي، جنھن ڪري بيروزگاري ۾ اضافو ٿي ويو آھي، ٺٽو ۽ مڪلي ۾ بہ پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿيل آھي، ھتي ڪوبہ ترقياتي ڪم نظر نٿو اچي، رڳو حڪمرانن پنھنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا آھن، عوام مھنگائي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھي، ھنن چيو تہ ھاڻي انھن ڪرپٽ حڪمرانن مان ڇوٽڪارو حايل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي، عوام کي گھرجي تہ ھو جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي، جيڪا ئي کين سمورن بحرانن مان نجات ڏياريندي.

===========================

اپنا تبصرہ بھیجیں