مراد علي شاهه وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو

ڪراچي: مراد علي شاهه سنڌ جي وڏي وزير طور عهدي جو حلف کڻي ورتو گورنر هائوس ڪراچي ۾ حلف برداري تقريب ٿي، جنهن ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري مراد علي شاهه کي وڏ وزارت جو حلف کڻايو حلف برداري تقريب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، جسٽس(ر) مقبول باقر، سينيئر پارليامينٽرين ۽ مزید پڑھیں

سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ لاءِ پهتل جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن تي لٺبازي، گرفتاريون

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ لاءِ پهتل جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن تي پوليس جي لٺبازي، تشدد ۽ گرفتاريون قومي عوامي تحريڪ جون ڪارڪن عورتون ۽ جي يو آءِ جا ڪارڪن به گرفتار ڪيا ويا، ڪراچي شهر ۾ صورتحال خراب ٿيڻ لڳي، مختلف علائقن ۾ ڌرڻا جي ڊي اي، جي يو مزید پڑھیں

مراد علي شاهه آغا سراج دراني کي قانون ياد ڏياري ڇڏيو

سنڌ جي نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه حلف کڻائيندڙ آغا سراج دراني کي قانون ياد ڏياري ڇڏيو آغا سراج ميمبرن کي حلف کڻائڻ لاءِ اٿي بيٺو ته مراد علي شاهه کيس مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کان اڳ توهان کي حلف کڻڻو آهي آغا سراج دراني چيو ته مان به گڏجي حلف کڻان ٿو، مزید پڑھیں

پاڪستان جو 15 سالن کانپوءِ ايران گئس پائيپ لائين منصوبي بابت اهم فيصلو

پاڪستان 15 سالن کانپوءِ ايران گئس پائيپ لائين منصوبي بابت اهم فيصلو ڪري ورتو آهي ذريعن موجب ڪابينا جي توانائي ڪميٽي ايراني سرحد کان گوادر تائين 81 ڪلوميٽر پائيپ لائين وڇائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايراني سرحد کان گوادر تائين پائيپ لائين جي تعمير تي 45 ارب رپيا لاڳت ايندي مزید پڑھیں

گهرو کاتي ڪراچي ۾ 144 قلم لاڳو ڪري ڇڏيو

گهرو کاتي ڪراچي ۾ 144 قلم لاڳو ڪري ڇڏيو، ڪنهن به قسم جي جلسن ۽ مظاهرن تي پابندي هوندي، گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز پاران سنڌ اسيمبلي جي ڀر پاسي ۾ سڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت، گهرو وزير چيو آهي ته ڪنهن به قسم جي شر پسندي ۽ غير قانوني مظاهرو ڪندڙن خلاف مزید پڑھیں

صوبائي اسٽيڪ هولڊرز الائنس جو پليٽ فارم سنڌ ۾ عورتن جي زرعي ڪارڪنن جي حقن ۽ بااختياريءَ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل هوندو

ڪراچي (پ ر)صوبائي اسٽيڪ هولڊرز الائنس جو پليٽ فارم سنڌ ۾ عورتن جي زرعي ڪارڪنن جي حقن ۽ بااختياريءَ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل هوندو ان سلسلي ۾ آواز فائونڊيشن پاڪستان ۽ سينٽر فار ڊولپمينٽ پاران تيار ڪيل تحقيقي رپورٽ ”دي هينڊس دي فيڊ ايس .اسٽرگلز آف وومين ايگريڪلچرل ورڪرز ان پاڪستان“ جي عنوان سان مزید پڑھیں

پي ايس ايل سيزن 9 جي موقعي تي سيڪيورٽي/ٽريفڪ جا انتظام غير معمولي ڪيا وڃن، آءِ جي سنڌ

ڪراچي 22 فروري 2024:- آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ 28 فروري کان شروع ٿيندڙ پي ايس ايل سيزن 9 ڪرڪيٽ سيريز جي موقعي تي سيڪيورٽي جي موجوده صورتحال/ ٽريفڪ جي انتظامن ۽ ان حوالي سان درپيش چئلينجز ۽ مجموعي طور تي پيش ايندڙ قدمن تي بريفنگ مزید پڑھیں

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ سنڌ اسيمبلي جي مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

پنجاب اسيمبلي جي اقليتي سيٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب اقليتي سيٽ تي مسلم ليگ ن جا 5 اميدوار پنجاب اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا آهن پنجاب اسيمبلي پاران عورتن جي سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ عورتن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي نوٽيفڪيشن موجب پنجاب اسيمبلي جي 36 سيٽن تي مسلم مزید پڑھیں

چونڊن ۾ ڌانڌلين جا بدترين الزام هڻندڙ اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ورتو

اسلام آباد: چونڊن ۾ ڌانڌلين جا بدترين الزام هڻندڙ اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ورتو، اڳوڻي ڪمشنر لياقت چٺا اليڪشن ڪميشن جي جاچ ڪميٽي آڏو پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرايو جاچ ڪميٽي راولپنڊي ڊويزن جي سمورن ڊي آر اوز ۽ آر اوز جا بيان قلمبند ڪري چڪي آهي، ڊي آر اوز ۽ آر اوز مزید پڑھیں

پيپلزپارٽي پنجاب جي گورنر لاءِ 3 نالا شارٽ لسٽ ڪري ڇڏيا

پيپلزپارٽي پنجاب جي گورنر لاءِ 3 نالا شارٽ لسٽ ڪري ڇڏيا، مخدوم احمد محمود، قمر الزمان ڪائرا ۽ نديم افضل چن گورنر پنجاب جي ڊوڙ ۾ شامل آهن ذريعن موجب مخدوم احمد محمود گورنر پنجاب طور پهرين ترجيح هوندو، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ وچ ۾ گذريل ڏينهن طئي ٿيل پاور شيئرنگ فارمولا تحت آصف زرداري مزید پڑھیں