
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان سني تحريڪ جي سربراھ محمد شاداب رضا نقشبندي جي هدايتن تي پي ايس ٽي ضلعي طرفان تنظيم جي باني قائد شهيد محمد سليم قادري رح جي عرس مبارڪ جي موقعي تي سندس روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ شهر جي جامع مسجد سادات ريشم گلي ۾ قرآن خواني ڪرائي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ پاڪستان سني تحريڪ سنڌ جي سينئر صوبائي اڳواڻ مولانا علي نواز قاسمي، ڊويزن لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري شمس الدين سروهي، ضلعي صدر حافظ مدد علي قادري، تعلقي صدر قمر الدين شيخ، حافظ رياض حسين چانڊيو، عطاء الله ابڙو، گلاب خان کچي، مفتي عبدالرحمان قاسمي، حافظ امام الدين قاسمي، صاحبزاده محمد علي قاسمي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي مولانا علي نواز قاسمي چيو ته شهيد محمد سليم قادري رح اهلسنت و جماعت جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪرڻ سميت دين اسلام جي پاسداري ۽ عشق مصطفيٰ ﷺ جي شمع کي روشن رکڻ لاءِ پنهنجي سموري زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته سال 1980ع جي ڏهاڪن ۾ جڏهن اسلام ۽ ملڪ دشمن قوتن جي سازشن جي نتيجي ۾ فرقه واريت ڪر کنيو هو، جنهن ۾ اهلسنت جي مذهبي جڳهن، مسجدن، درگاهن سميت شعائر اسلام کي نشانو بڻايو پيو وڃي، تنهن تي شهيد محمد سليم قادري رح خطري کي محسوس ڪندي سنين جي حقيقي پيغام يعني تحفظ ناموس رسالت ﷺ و ختم نبوت ﷺ،
دعوت عشق رسول ﷺ ۽ تحفظ شعائر اسلام جي لاءِ ميدان عمل ۾ نه نڪري ها ته باطل قوتون اسان کي وڏو نقصان رسائن هان، جنهن بعد سال 1990ع ۾ شهيد محمد سليم قادري رح سني تحريڪ جو بنياد رکيو، هي هڪ جماعت نه هڪ اهڙو فڪري پيغام هو جنهن لکين نوجوانن کي اهلسنت کي هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪيو. هن چيو ته 23 صفر المظفر جو ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي اسلام ۽ ملڪ دشمن قوتن جمع جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ گهران نڪتل قائد شهيد محمد سليم قادري رح کي شهيد ڪيو، جڏهن ته هي ملڪ جي تمام وڏو سانحو هو، جنهن سان تمام گهڻو نقصان پهتو، پر اڄ سندس ڇڏيل مشن کي سربراھ پاڪستان سني تحريڪ محمد شاداب رضا نقشبندي کڻي هلي رهيو آهي، جنهن سان اسين هر موڙ تي گڏ آهيون. ان موقعي تي محمد سليم قادري کي ڀيٽا پيش ڪندي خصوصي دعا پڻ گهري وئي.
https://www.youtube.com/watch?v=5uur1wv4yi


