ٺٽي ۾ ثقافتي طور تي ڍڳن جي ڍوڙ جا مقابلا ڪرايا ويا ۽ ڍڳن جي ڍوڙ کٽيندڙ مالڪن ۽ ڍڳا هڪليندڙن کي انعامن سان نوازيو ويو


ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
ٺٽي ۾ ثقافتي طور تي ڍڳن جي ڍوڙ جا مقابلا ڪرايا ويا ۽ ڍڳن جي ڍوڙ کٽيندڙ مالڪن ۽ ڍڳا هڪليندڙن کي انعامن سان نوازيو ويو ان سلسلي ۾ لاڙ واري خطي ۾ تاريخي طور تي ثقافتي وندر طور ڍڳن جي ڍوڙ کي هٿي ڏيارڻ لاء ٺٽي لڳ شاھ مراد گرائونڊ تي دولھ دريا خان ۽ مهراڻ ٽيمن پاران ڍڳن جي مشھور شوقين خفتين مرحوم حاجي نواز علي بروهي ۽ مرحوم طيب سرڪي جي ياد ۾ ڍڳن جا مقابلا ڪرايا ويا جنهن ۾ ٺٽي سجاول ۽ بدين جي ڍڳن جي شوقين مالڪن خفتين پنهنجا ڍڳا ڍوڙائڻ لاء آندا ۽ ڍڳن جي ريس ۾ لاڙ وارن ضلعن جي ڍڳن جي مالڪن عبدالجميد جوڻيجو موسيٰ شيدي حاجي خيرو ڪهيو رئيس جمال چانگ پپو گجر حبيب ٿهيم مرتضيٰ بلوچ سانوڻ جوکيو حاجي مصري بلوچ محمد جمن ڪاتيار حاجي علو بلوچ جهان علي شاھ مريد بلوچ ۽ ٻين جي ڍڳن کي ڍوڙ جي ميدان تي لاٿو ويو جن جي ڍڳي گاڏين هڪٻئي کان گوه کڻڻ جي لاء ميدان ماري ورتو ان موقعي تي ڍڳي گاڏين جي مالڪن توڙي ڍڳن کي هڪليندڙ واهيٽين کي انعام ڏنا ويا ڍڳن ڍوڙائڻ جي تقريب ۾ صوبائي وزير اوقاف و عشر رياض شاھ شيرازي راندين واري کاتي سنڌ جي سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ ضلعي اسپورٽس آفيسر علي اظھار بروهي ۽ ٻين سان گڏ لاڙ وارن ضلعن جا شوقين ماڻھو وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي ۽ سيڪريٽري اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرز عبدالعليم لاشاري چيو ته سنڌ جي ثقافتي هن سرگرمي سميت ثقافتي ۽ قومي راندين کي اجاگر ڪرڻ لاء سنڌ حڪومت پاران قدم کنيا پيا وڃن پهريون ڀيرو ڍڳن جي ڍوڙ جا مقابلا سرڪاري سطح تي ٺٽي ۾ ڪرايا ويا آھن ۽ آئينده لاء به ڍڳن جي ڍوڙ ملھ ملاکڙن ونجھ وٽي جي راند سميت مختلف ثقافتي راند کي هٿي ڏيارڻ لاء مختلف پروگرام ترتيب ڏنا پيا وڃن.

اپنا تبصرہ بھیجیں