
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)قتل ۽ اغوا جي الزام ۾ قيد ملزم مٿان مبينا طور تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻي ۾ ٻڌڻي ٿي. عدالت ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري سميت چار پوليس آفيسرن جي جاچ ڪرائڻ ۽ انهن جو فوري تبادلو ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.تفصيل موجب ڪجهه وقت اڳ لاڙڪاڻو پوليس پاران امتيار علي سهتو نالي شخص خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪليو ويو هو. ان ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس امجد علي سهتو ۽ جسٽس علي حيدر اڍا ٻڌڻي ڪئي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي ته هو ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري سميت چار پوليس آفيسرن خلاف جاچ ڪن ۽ سندن فوري
تبادلو ڪيو وڃي ته جيئن اهي جاچ تي اثرانداز نه ٿي سگهن. جسٽس امجد علي سهتو ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس اختيارات کان وڌي ڪارروائي ڪئي آهي، ملزم کي ٻه مهينا غير قانوني حراست ۾ رکيو ويو، تنهنڪري دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيس جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي.عدالت امتيار علي سهتو
جي 20 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 12 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري چار ڏينهن جي موڪلن تي هليو ويو، جڏهن ته لاڙڪاڻو پوليس جا ڪيترائي ايس ايچ اوز ۽ ٻيا آفيسرز به عدالتي فيصلي خلاف ڊي آءِ جي آفيس لاڙڪاڻو ۾ موڪلن لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيون.
Load/Hide Comments


