
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال جي اڳواڻي ۾ ڪشمير سان يڪجهتي ۽ محبت جي علامتي واڪ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ يونيورسٽي جي سمورن فيڪلٽين جي استاد، شاگرد ۽ آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
هن موقعي تي ڊاڪٽر الطاف علي سيال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم دنيا جي ضمير لاءِ هڪ وڏو سوال آهي، ۽ اسان جو هي قدم انهن سان اخلاقي، علمي ۽ انساني سهڪار جو اظهار آهي۔ هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي هميشه قومي، انساني ۽ عالمي مسئلن تي پنهنجو اصولي موقف اختيار ڪندي رهي آهي।
شاگردن هٿن ۾ “ڪشمير بنيندو پاڪستان”، “Stand with Kashmir” ۽ “Stop Human Rights Violations in Kashmir” جهڙا بينرز کڻي نعرا هنيا، جڏهنته واڪ يونيورسٽي جي مرڪزي دروازي کان شروع ٿي مختلف شعبن مان ٿيندي شانتي چَؤڪ تي ختم ٿي۔
يونيورسٽي جي استادن چيو ته ڊاڪٽر الطاف علي سيال جي اڳواڻي ۾ هن قسم جا سماجي ۽ قومي شعور جا قدم نوجوان نسل ۾ بيداري پيدا ڪن ٿا ۽ اهو هڪ بهترين روايت آهي جنهن کي برقرار رکڻ لازمي آهي۔
https://www.youtube.com/watch?v=hQrgXHyloa0
https://www.youtube.com/watch?v=3TYKCHHyWLE
https://www.youtube.com/watch?v=Og1oCCN140c
https://www.youtube.com/watch?v=WQhlhKgdnoc
https://www.youtube.com/watch?v=zF992qgrdRg


