ننڍي عمر ۽ زبردستي شادي جي قانون تي سڀ کان وڌيڪ عملدرآمد سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي: توانائي وارو وزير ناصر شاهه


ڪراچي
تاريخ: 31 جولاءِ 2025

ننڍي عمر ۽ زبردستي شادي جي قانون تي سڀ کان وڌيڪ عملدرآمد سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي: توانائي وارو وزير ناصر شاهه

قانون بلاول ڀٽو جي ويزن ۽ هدايت تي سنڌ ۾ سختيءَ سان لاڳو آهي، ناصر شاهه جو تقريب کي خطاب

ڪراچي (): سنڌ جي توانائي، ترقياتي ۽ منصوبابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ننڍي عمر ۽ زبردستي شاديءَ خلاف ٺاهيل قانون تي سڀ کان وڌيڪ عملدرآمد سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي، ۽ بلاول ڀٽو جي هدايت تي هي قانون ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ سختيءَ سان لاڳو آهي.

اهي خيال هن آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ننڍي عمر ۽ زبردستي شادي جي خلاف صوبي سطح تي منعقده آگاهي پروگرام ۾ مهمان خاص طور خطاب ڪندي ظاهر ڪيا. تقريب جو اهتمام ايس پي او ۽ خيرپور، جيڪب آباد جي سول سوسائٽي تنظيمن ڪيو هو.

تقريب ۾ جليل اصغر ڀٽي (منيجر پروجيڪٽس ۽ گرانٽس، ايس پي او)، منزهه علي (ڪنٽري مينيجر، Save the Children)، صائمه آغا (پارلياماني سيڪريٽري براءِ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز) ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي.

تقريب دوران روايتي ۽ ثقافتي شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا، جتي وزير ناصر حسين شاهه اسٽالن جو دورو ڪري اتي رکيل شين کي ڏٺو ۽ ساراهه جو اظهار ڪيو.

ناصر حسين شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي هڪ انتهائي اهم موضوع تي ٻڌل پروگرام آهي، جنهن جو مقصد شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي. هن سول سوسائٽي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جي خواهش آهي ته اهڙا پروگرام سکر ۾ به شروع ڪيا وڃن. خيرپور ۽ جيڪب آباد جي پوئتي پيل علائقن ۾ هي پروگرام تمام سٺي طريقي سان هلي رهيو آهي.

ناصر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت اڳ ۾ ئي قانون سازي ڪري چڪي آهي، ۽ هاڻ جڏهن بلوچستان ۾ به پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ته اسان کي اميد آهي ته اتي به ان قانون تي عمل ۾ مدد ملندي.

هن چيو ته قانون سازي ته ٻين صوبن ۾ به ٿي آهي، پر ان تي عملدرآمد لاءِ شعور ضروري آهي. شعور ۽ سمجهه جي کوٽ قانون تي عمل ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي.

ناصر شاهه چيو ته هي پليٽفارم سڄي سنڌ ۾ آگاهي لاءِ سٺو ڪم ڪري رهيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو ته هي قانون سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويندو.

آخر ۾ هن چودهه آگسٽ جي حوالي سان بهترين تقريبن جي اهتمام ۽ ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي.

تقريب جي آخر ۾ سيد ناصر حسين شاهه کي اعزازي شيلڊ پيش ڪئي وئي.

محمد شبيہ صديقي
ڊائريڪٽر ميڊيا مينيجمينٽ
وزير توانائي ۽ منصوبابندي، سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں