
ڪراچي () سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) ۽ شعبه ابلاغِ عامه، جامعي ڪراچي جي سهڪار سان5 جون عالمي ماحولياتي ڏينهن جي موقعي تي پلاسٽڪ بيگز جي خاتمي بابت آگاهي سيمينار جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ سيڪريٽري ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي سنڌ آغا شاهنواز خان، ڊي جي سيپا وقار حسين ڦلپوٽو، وائس چانسلر جامعي ڪراچي ڊاڪٽر خالد عراقي، ماحولياتي ماهرن، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ سيمينار ۾ ماحولياتي آلودگي، خاص ڪري پلاسٽڪ شاپنگ بيگز جي نقصانن، انهن جي متبادل ماحول دوست بيگز ۽ پائيدار حلن تي تفصيل سان ڳالهيون ڪيون ويون۔ سيڪريٽري ماحوليات آغا شاهنواز خان چيو ته پلاسٽڪ شاپنگ بيگز نه رڳو ماحول جي خرابي جو سبب آهن پر نيڪالي (سيوريج) جي نظام کي به برباد ڪري رهيا آهن۔ 15
جون کان پوءِ پلاسٽڪ بيگز خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو، ۽ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻو سميت ٻين وڏن شهرن مان مهم جي شروعات ڪئي ويندي۔ هن چيو ته سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان ويهي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي ته جيئن هن پاليسي تي اثرائتي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي۔ پلاسٽڪ آلودگي هڪ عالمي ماحولياتي چئلينج آهي۔ دنيا ۾ هر سال 11 ملين ٽن پلاسٽڪ ماحول ۾ شامل ٿي رهيو آهي، جيڪو مٽي، پاڻي ۽ خوراڪ کي آلودگيءَ جو شڪار ڪري ٿو۔ اسان کي هڪ سرڪلر (دائري واري) معيشت ۽ ماحول دوست متبادل کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي۔ ان موقعي تي ڊي جي سيپا وقار حسين ڦلپوٽو چيو ته 15 جون کان پلاسٽڪ بيگز جي استعمال تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي ويندي۔ پهريائين مرحلي ۾ صنعتن کي متبادل تيار ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو ويو، هاڻ ان کي پوري صوبي ۾ نافذ ڪيو پيو وڃي۔
هن چيو ته عوامي آگاهي، ڪميونٽي انگيجمينٽ ۽ قانوني عملدرآمد کي يقيني بڻايو پيو وڃي۔ اسان چاهيون ٿا ته هي صوبو پلاسٽڪ جي آلودگيءَ کان پاڪ ٿئي۔ نه فقط پلاسٽڪ بيگز پر پلاسٽڪ جون بوتلون به گهٽ استعمال ڪرڻيون پونديون۔ سيپا “نو پلاسٽڪ ڪيريئر بيگز” واري پاليسي تي عملدرآمد ڪري رهي آهي۔ هن سڀني شعبن کان تعاون جي اپيل ڪئي ته صوبي کي صاف، سرسبز ۽ پائيدار بڻائڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏين۔


