سنڌو درياءُ تي ڪئنال منصوبي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٺٽي ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران مڪلي پبلڪ پارڪ کان رڪشا اسٽاپ ٺٽي تائين احتجاجي پيادل مارچ ڪيو ويو مارچ ۾ سياسي سماجي قومپرست ڌرين پڻ شرڪت ڪئي.

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
سنڌو درياءُ تي ڪئنال منصوبي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٺٽي ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران مڪلي پبلڪ پارڪ کان رڪشا اسٽاپ ٺٽي تائين احتجاجي پيادل مارچ ڪيو ويو مارچ ۾ سياسي سماجي قومپرست ڌرين پڻ شرڪت ڪئي. جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي جي اڳواڻي ۾ نڪتل ھن پيادل مارچ ۾ جي يو آئي ٺٽي جي ضلعي اڳواڻ مولانا سليم عاطف، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ياسر جاکري ۽ عوامي رابطہ تحريڪ جي اڳواڻ سرور پليجي پڻ شرڪت ڪئي مارچ ۾ شريڪ ماڻھن ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي ڪئي رڪشا اسٽاپ ٺٽي وٽ مظاھرين ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا جتي نواز شاھ ڀاڏائي، مولانا سليم عاطف، ياسر جاکري، سرور پليجي، امجد شوري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ حڪمران هٿ وٺي سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪري سنڌو درياءُ تي ڪئنال اڏي سنڌ جو معاشي قتل عام ڪرڻ تي بضد آھن سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي پر وفاقي سرڪار توڙي ان جي اتحادي پيپلزپارٽي عوامي راء کي پُٺي ڏيئي سنڌ دشمن فيصلا ڪري رهي آھي جيڪي ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌ جي عوام کي قبول نہ آھن انھن چيو تہ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پ پ جي حڪومت، سينٽ جو چيئرمن پ پ جو، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پ پ جو، ملڪ جو صدر بہ پ پ جو پوءِ الاءِ پ پ ڪنھن جي خلاف احتجاج ڪندي انھن چيو تہ صدر زرداري ڪئنال ٺاھڻ جي رٿا جي منظوري ڏني آھي ۽ ھاڻي سنڌي ماڻھن جي اکين ۾ ڌوڙ پيا وجھن پر سنڌ جو ماڻھو انھن جي منافقانہ سياست کي سمجھي ويو آھي انھن مطالبو ڪيو تہ فوري طور تي سنڌو درياءُ تي رٿيل ڪئنال هميشه لاء رد ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو بند ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهي ٿو.

اپنا تبصرہ بھیجیں