جهرڪ ويجهو ڏاڏُوري وٽ تيز رفتار ڪمند سان ڀريل ٽرڪ اووَر ٽيڪ ڪندي روڊ ڀرسان ويٺل ماءُ ۽ ڌيءَ کي چيباٽي ڇڏيو ڌيءَ فوت ماءُ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل

ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي)
جهرڪ ويجهو ڏاڏُوري وٽ تيز رفتار ڪمند سان ڀريل ٽرڪ اووَر ٽيڪ ڪندي روڊ ڀرسان ويٺل ماءُ ۽ ڌيءَ کي چيباٽي ڇڏيو ڌيءَ فوت ماءُ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل تفصيل موجب ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھ تي هڪ مزدا کان تيز رفتاري دوران اوور ٽيڪ ڪندي ڪمند سان ڀريل ٽرڪ روڊ ڀرسان سواري جي انتظار ۾ ويٺل ماءُ ۽ ڌيءَ مٿان چڙھي وئي جنھن جي نتيجي ۾ 12 ورهين جي شبيران ڌيءَ سوز علي جاکرو چيباٽجي تڏي تي فوت ٿي وئي سندس ماءُ حاجُو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رورل هيلٿ سينٽر جهرڪ منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت خراب ٿيڻ ڪري کيس وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد نيو ويو جڏهن ته جهرڪ پوليس ڪمند سان ڀريل ٽرڪ ۽ مزدا کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي

ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي شھر جي امري اسٽاٽ مڇي مارڪيٽ سامھون درگاھ سخي شاھ گوھر گَنج ڀَرسان حيات سرائي جي بيڪري کي گزريل رات دير سان نامعلوم چورن کاٽ ھڻي بيڪري م رکيل 6 لَک روپيا روڪ رَقم ۽ بيو قيمتي سامان چوري ڪَري ويا، جنھ. جي رپورٽ ٺٽو پوليس کي ڏيڻ باوجود پوليس ڪابہ ڪاروائي ڪري ناھي سگھي. واضع رھي ھڪ مھينو اڳ بہ ساڳيء بيڪري مان چوري جي واردات ٿي ھئي، پر حَد جي پُوليس نُوٽيس ڪوبہ وٺڻ لاڀ تيار ناھي ۽ نہ ئي ڏوھارين خلاف ڪا ڪاروائي ٿي ڪري جنھن ڪري شھري ڦرجڻ روز جو معمول بڻيل اھي، جڏھن تہ ھن واردات کان اڳئين رات محمد عباس پٺاڻ ؤ فاروق احمد پٺاڻ ٺٽي کان بگھاڙ موري پنھنجي گھر موٽر سائيڪل تي وڃي رھيا ھئا تہ ريڊار ڳوٺ واري موڙ وٽ نامعلوم ھٿياربند فورن سندن پيڇو ڪري ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نہ بيھڻ تي ھٿياربند ڦورن سندن مٿان ھوائي فائرنگ ڪئي پر ھو معجزانہ طور بچي ويا، اھڙي صورتحال جي ايس ايس پي ٺٽو کي بہ آگاھي ڏيڻ باوجود پوليس ڏوھارين خلاف ڪابہ ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي ۽ نہ ئي عوام کي ڪو تحفظ مھيا ڪري سگھي آھي، جنھن ڪري عوام جو ويساھ پوليس مٿان کڄندو پيو وڃي، شھرين مطالبو ڪيو آھي تہ فورن ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪري عوام کي وڌيڪ ڦرجڻ کان بچائي انھن جي جان، مال ۽ ملڪيتن جو تحفظ ڪيو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں