
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ ۾ بزرگ شهرين جي فلاحي قدمن جو آغازڪندي سماجي ڀلائي کاتي سنڌ،بزرگ دوست نيٽ ورڪ سنڏ۽ فائونڊيشن فار ايجٽگ اينڊ انڪلوزيو ڊولپمينٽ جي سهڪار کان مقامي هوٽل هڪ ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويو جنهن خطاب ڪندي مقررين سنڌجي بزرگ ماڻهن جي حيٽيٽ کي اجاگر ڪيو ،سماج ۾ انهن جي ڪردارکي اجاگرڪندي انهن کي درپيش چيلنجن تي ڳالهيون ڪيون .هن ڪانفرنس ۾ سنڌسينيئر ايڪٽ 2014ع تي خاص ڌيان ڏين سان گڏ 2023ع ۾ جيڪا ترميم ڪئي وئي هن تي روز ڏنو آهي .”سنڌ سينيئر سٽيزنز ويلفيئر ايڪٽ 2014″ تحت بزرگ شهرين جي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ جامع منصوبن جو آغاز ڪيو آهي. انهن قدمن ۾ سينيئر سٽيزن ڪارڊ جاري ڪرڻ، اولڊ ايج هومز جو قيام، ۽ خيال جي معيار لاءِ ايس او پيز جي تياري شامل آهن.ڪانفرنس کان خطاب ڪندي مهمان خصوصي سماجي ڀلائي کاتي جي وزيرمير طارق علي خان ٽالپر، چيوته نادرا جي انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 60 سال يا ان کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن جو انگ تقريباً 37 لک آهي. اسان جو فرض آهي ته انهن ماڻهن کي انهن جا حق ۽ سهولتون مهيا ڪيون وڃن..مير طارق علي خان ٽالپر چيو ته اسان سينيئر سٽيزن ڪارڊ ذريعي بزرگ شهرين لاءِ صحت جي سهولتن ۽ ٻين مراعتن تائين آسان پهچ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.صوبائي وزير چيو ته سماجي ڀلائي کاتو جلد ضلعي سطح تي سينيئر سٽيزن ويلفيئر ڪميٽي قائم ڪندو ته جيئن بزرگ شهرين جا مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن.وزير وڌيڪ چيو ته صوبي جي
هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز قائم ڪرڻ لاءِ منصوبا تيار ٿي رهيا آهن. ايندڙ مرحلي ۾ حيدرآباد، سکر، ۽ لاڙڪاڻي ۾ اهڙا مرڪز قائم ڪيا ويندا. اسان جو مقصد آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ هڪ اولڊ ايج هوم هجي.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي سينٽرل ۾ سينيئر سٽيزن سينٽر ڪجهه مهينن ۾ بحال ڪيو ويندو، جڏهن ته ان کان علاوه ڪراچي ڪورنگي، حيدرآباد، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ٺٽو، بدين، نوشهروفيروز، ۽ سجاول ۾ سينيئر سٽيزن سينٽر قائم ڪرڻ جا منصوبا تيار ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته شڪارپور ۽ دادو ۾ هن سال کان اسڪيم جو آغاز ڪيو ويندو.سماجي ڀلائي کاتي، هيلپ ايج انٽرنيشنل سان سهڪار ڪندي، اولڊ ايج هومز لاءِ ايس او پيز به تيار ڪيا آهن ته جيئن انهن مرڪزن ۾ رهندڙ ماڻهن کي صحت، تفريح، ۽ سيڪيورٽي جون بهترين سهولتون فراهم ڪري سگهجن.مير طارق علي خان ٽالپر هن موقعي تي چيو: “بزرگ شهرين جي فلاحي ڪم اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. انهن قدمن جي ذريعي اسان اهو يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جا بزرگ شهري معاشري ۾ هڪ باوقار مقام حاصل ڪن.”سماجي ڀلائي کاتي عوام کان اپيل ڪئي آهي ته اهي انهن قدمن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ضرورت مند بزرگ شهرين کي انهن منصوبن مان فائدو وٺڻ ۾ مدد ڏين.ان موقعي تي پراجيڪٽ ڪوآرڊينيٽرسيدسجاد،اسلم شيخ پرويزاحمد ،رياض فاطمه سميت ٻين خطاب ڪيو .


