ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي محمد اسحاق کوڙو چيو آهي ته غيرقانوني تعميرن خلاف هڪ منظم رٿابندي تحت مهم هلائي ويندي. رهائشي پلاٽن تي غيرقانوني اضافي ماڙيون، پورشن، زير تعمير پروجيڪٽس، ۽ شهر جي پراڻين تجارتي ۽ رهائشي گهڻ ماڙ عمارتن ۾ تعميراتي اصولن جي ڀڃڪڙي جو خاتمو ڪيو ويندو.

ڪراچي ( 25 فيبروري 2025) ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي محمد اسحاق کوڙو چيو آهي ته غيرقانوني تعميرن خلاف هڪ منظم رٿابندي تحت مهم هلائي ويندي. رهائشي پلاٽن تي غيرقانوني اضافي ماڙيون، پورشن، زير تعمير پروجيڪٽس، ۽ شهر جي پراڻين تجارتي ۽ رهائشي گهڻ ماڙ عمارتن ۾ تعميراتي اصولن جي ڀڃڪڙي جو خاتمو ڪيو ويندو. هن غيرقانوني تعميرن جي فهرستون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ غيرقانوني تعميرن جي ڊاهڻ سميت ملوث ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عوامي شڪايتن تي ترت عمل ڪيو ويندو. تفصيل موجب، ڊي جي ايس بي سي اي محمد اسحاق کوڙو جي صدارت هيٺ ڪانفرنس هال ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن ضلعي ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته غيرقانوني تعميرون هجن يا زير تعمير عمارتون هجن گذريل ٽن سالن کان جاري آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙا سڀئي عوامي وڪري لاءِ پيش ڪيل نوان ۽ پراڻا پروجيڪٽس، رهائشي ۽ تجارتي پلازا، جتي ڪٽ لائين تي غيرقانوني حد کان وڌندڙ تعميرون ڪيون ويون آهن، نڪرڻ جا هنگامي رستا بلاڪ ڪيا ويا آهن، فائر سيفٽي جا اوزار نصب نه ڪيا ويا آهن، ۽ ڪار پارڪنگ جي استعمال جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، تن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙي طرح، اهي رهائشي پلاٽ، جيڪي غيرقانوني طور تي مختلف تجارتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن، انهن خلاف به سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪٽ لائين تي تعمير، ڪار پارڪنگ ۽ هنگامي نڪرڻ جي خلاف ورزين جي صورت ۾ پروجيڪٽ جي اشتهاري اين او سي منسوخ ڪئي ويندي ۽ قانوني بلڊنگ پلان موجب انهن غيرقانوني تعميرن جو خاتمو ڪيو ويندو، ته جيئن شھري سهولتون بحال ڪري سگهجن ۽ اجتماعي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. ڊي جي ايس بي سي اي محمد اسحاق کوڙو واضح ڪيو ته هاڻ جيڪي به غيرقانوني تعميرون ٿينديون، انهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف لاڳاپيل آفيسر جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. جيڪڏهن غيرقانوني تعميرون رهائشي پلاٽن تي ٿينديون يا پروجيڪٽس تي، ته انهن کي نه روڪڻ جي ذميواري علائقي جي ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر تي هوندي. جڏهن ته، غيرقانوني تعميرن ۽ انهن جي ڊاهڻ بابت ويجِلنس سيڪشن جي رپورٽن ۾ ڪا به دير يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ۽ هرڪو پنهنجي ذميواري جو جوابده هوندو. ڪنهن به بدانتظامي ۾ ملوث آفيسر يا عملي کي سخت کاتيدار ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو. هن ضلعي ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته غيرقانوني تعميرن بابت عدالتي ڪيسن ۾ لازمي طور تي مقرر وقت تي حاضر رهن ۽ معزز عدالت جي حڪمن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائين، ٻي صورت ۾ ادارو ڪنهن به رعايت جو مظاهرو نه ڪندو. ان کان علاوه، هن هدايت ڪئي ته شڪايت پورٽل تي موصول ٿيل شڪايتن تي سخت نوٽيس ورتو وڃي ۽ هڪ هفتي اندر ڪارروائي مڪمل ڪري عوامي شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي. ڊائريڪٽر جنرل اجلاس ۾ موجود سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي غيرقانوني تعميرن خلاف وڏي پيماني تي آپريشن ڪلين اپ لاءِ تياريون مڪمل ڪن. هن سمورن ضلعي ڊائريڪٽرن کي حڪم ڏنو ته رهائشي پلاٽن تي غيرقانوني تعميرون، استعمال اراضي جي ڀڃڪڙي، ۽ پروجيڪٽس ۾ ڪٽ لائين تي تعمير، ڪار پارڪنگ، ۽ هنگامي نڪرڻ جي خلاف ورزي بابت مڪمل فهرستون تيار ڪري پيش ڪن.
ڏوگر

اپنا تبصرہ بھیجیں