
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
سنڌ جي ٻين ضلعن جيان ٺٽي ضلعي ۾ به ايڇ آءِ وي ايڊز جا 28 ڪيس پازيٽو هجڻ جو انڪشاف سامهون آيو آھي ايڊز تي ڪم ڪندڙ اداري سي ڊي سي پاران يونيسيف ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان جلد سول اسپتال ٺٽو ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي مريضن جي علاج ۽ تشخيص لاء ٽريٽمينٽ سينٽر اي آر ٽِي مرڪز کولڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ ايڇ آء وي ايڊز تي ڪم ڪندڙ ماهر ڊاڪٽرن واضع ڪيو آھي ته ايڇ آءِ وي ايڊز جو مرض قابلِ علاج آھي جنهن جي علاج ۽ احتياط سان اُن کي قابو ۾ رکي سگهجي ٿو ۽ هن مرض ۾ مبتلا مريضن کي حقارت جي نظر سان نه ڏٺو وڃي ۽ نه ئي کانئن نفرت ڪئي وڃي ڇاڪاڻ جو ايڇ آء وي ايڊز سماجي تعلقات سان هرگز نٿو ڦھلجي. اھڙو اظھار ايڇ آءِ وي ايڊز تي يونيسيف جي سهڪار سان ڪم ڪندڙ صحت کاتي جي اداري سِي ڊِي سِي سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ايڊز تي ڪم ڪندڙ ماهر ڊاڪٽر غلام علي بوزدار، ايڇ آءِ وي ڪنٽرول پروگرام ٺٽي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شيام ڪمار، صحت کاتي ٺٽو جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر صفدر شاھہ اميرخاني، سول اسپتال ٺٽو جي سول سرجن ڊاڪٽر يامين شاھہ، صحت تي ڪم ڪندڙ سماجي اداري مرف جي انچارج ملڪ آدم، ايڇ آءِ وي تي ڪم ڪندڙ نئين زندگي پروگرام سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر غوث بخش ملڪ ۽ ٻين مڪلي تي ايڇ آءِ وي ايڊز بابت ميڍيا لاءِ آگاهي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو.
اُن موقعي تي ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ ھو ته ٺٽي ضلعي اندر 23 سئو مختلف ماڻھن جا ايڇ آءِ وي ايڊز بابت ٽيسٽ لاءِ سيمپل حاصل ڪيا ويا جن مان 28 ڪيس ايڇ آءِ وي ايڊز جا پازيٽو آيا آھن جن جو علاج ايڊز ڪنٽرول پروگرام تحت ڪراچي کان مفت ڪرايو پيو وڃي، هنن چيو ته ايڇ آءِ وي جنسي تعلقاتن کان علاوه رت جي منتقلي، بار بار سرنجز جو استعمال توڙي حجامن پاران ساڳيا اوزار هر ماڻھوءَ تي استعمال ڪرڻ سبب ڦھلجي ٿو ۽ ايڇ آءِ وي بنيادي طور تي انسان جي قوتِ مدافت کي ڪمزور ڪري ٿو جنھن کانپوءِ ايڊز انسان تي حملو ڪري وجهي ٿو اُنڪري ايڇ آءِ وي وائرس کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مبتلا مريضن جو مستقل بنيادن تي علاج کي يقيني بنائڻ ۽ عام ماڻھن کي اُن کان تحفظ ڏيارڻ لاءِ شعوري آگاهي مهم هلائڻ وقت جي ضرورت آھي، جنھن لاءِ ميڍيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هنن چيو ته ايڇ آءِ وي ايڊز وبا جيان ڦھلجندڙ مرض نه آھي اُن ۾ مبتلا ماڻھن توڙي مريضن کان ڪنھن به قسم جي نفرت نه ڪرڻ گهرجي اُنهن کي پنهنجي روزمره جي سماجي تعلقات سان ڳَنڍي رکيو وڃي ۽ هن مرض جي خاتمي لاءِ سمورين باشعور ڌرين کي اڳتي اچڻ گهرجي. اُن موقعي تي ايڇ آءِ وي ايڊز جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شيام ڪمار جي نشاندهي تي ايڊز تي ڪم ڪندڙ صحت کاتي جي اداري سي ڊي سي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي بوزدار هفتي اندر سول اسپتال ٺٽو ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي مريضن جي علاج توڙي مفت چڪاس لاءِ ٽريٽمينٽ سينٽر اي آر ٽي جو مرڪز قائم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو. ورڪشاپ ۾ ٽي بي بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر غلام علي دايو، اي ڊي ايڇ او محبوب ڪاتيار، ليڍي ڊاڪٽر مُومل ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.


