ڪجھ ڏينھن اڳ ٺٽي شھر ۾ گندرا ۽ شيخ برادري ۾ ٿيل جھيڙي م چئن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ توڙي دڪان تان ٿيل فرلٽ واري معاملي جي ٿيل فيصلي بعد

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ڪجھ ڏينھن اڳ ٺٽي شھر ۾ گندرا ۽ شيخ برادري ۾ ٿيل جھيڙي م چئن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ توڙي دڪان تان ٿيل فرلٽ واري معاملي جي ٿيل فيصلي بعد شيخ برادري جي ماڻھن رفيق شيخ، شھر يار شيخ، سليم شيخ بورچي، سجاد شيخ، فرقان شيخ، سليم درزي ۽ ٻين پاران سيد سونو شاھ شيرازي ۽ سيد جمن شاھ سان گڏ زخمي محمد جمن عرف جمعون گندرو ۽ الھڏنو گندرو جي تڏي تي پھچي زخمين جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي گندرا برادري جا معززين وڏيرو محمد عرس گندرو،

نثار احمد گندرو، ملڪ سليمان گندرو، عبدالعزيز گندرو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

جڏھن تہ ان کان اڳ گندرا برادري جا ماڻھون پڻ شيخ برادري جي تڏي تي ويا ھئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں