عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي 95هين سالگره جي موقعي تي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان رسول بخش پليجي جي آخري آرامگاهه تي تقريب منعقد ڪري قومي ۽ انقلابي گيتن سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي. اڳواڻن گلن جي چادر چاڙهي پليجي کي سلامي ڏني سالگرہ تقريب ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ٺٽو رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي
عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي 95هين سالگره جي موقعي تي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان رسول بخش پليجي جي آخري آرامگاهه تي تقريب منعقد ڪري قومي ۽ انقلابي گيتن سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي. اڳواڻن گلن جي چادر چاڙهي پليجي کي سلامي ڏني سالگرہ تقريب ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نون ڪئنالن ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ تي قبضن خلاف به نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورنسا۽ پليجو، مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز، مٺا خان لاشاري، گھنور خان زئنور، شاه محمد چانگ، دريا خان زئور، خالق گندرو، انور پالاري، بلاول لاشاري، غلام علي زئور، حميد خشڪ، عزيز ميمڻ، مارو خشڪ، جميل پليجو، سليم پليجو، مسعود پليجو، رياض عباسي ۽ ٻين چيو ته رسول بخش پليجو سنڌو درياهه جو وڪيل هو، سنڌو درياهه جا وهڪرا روان دوان رکڻ لاءِ هن سنڌ جي

جهر جهنگ ۾ سجاڳي ڦهلائي، ڪالا باغ ڊيم خلاف ۽ ٻين اهم مسئلن تي پليجي جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ لانگ مارچون ڪيون، اڳواڻن چيو ته پليجو صاحب سنڌ جو محافظ هو،

هن سنڌو درياهه جو شاندار ڪيس وڙهيو، پليجي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ گهڻ طرفي جدوجهد ڪئي، اڄ به هن جون تقريرون ۽ لکڻيون سنڌي عوام کي همٿ ۽ حوصلو ڏئي رهيون آهن، اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجي صاحب جو فڪر سنڌي عوام لاءِ نجات جو فڪر آهي. پليجي جي جوڙيل عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سنڌ جي اهم مسئلن تي پليجي جيان جدوجهد ۾ سڀ کان اڳڀري آهي. عوام جي جدوجهد جي صورت ۾ رسول بخش پليجو اڄ به زنده آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڇهه نون ڪئنالن جا منصوبا سنڌي عوام ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، ڇهه نون ڪئنال سنڌو درياهه سڪائڻ جي سازش آهن، پيپلز پارٽي هن سازش ۾ وفاقي سرڪار سان ڀاڱي ڀائيوار آهي، ڪرائيم پارٽنر آهي، صدر زرداري ڇهه نون ڪئنالن جي منظوري ڏئي آئين ٽوڙيو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڇهه نون ڪئنالن جا منصوبا ختم ڪري سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي ڏنل سنڌ جون زمينون واپس وٺي، زمينون مقامي بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن. هنن چيو ته ڪينجهر ڍنڍ کي به منڇر جيان تباهه ڪيو پيو وڃي، پاڻيءَ کي آلودو ۽ زهريلو بڻايو پيو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں