ٺٽي جي سماجي ڪارڪن پنهنجي دوستن کي ساڻ ڪري انساني ڀلائي جي ڪمن سان گڏ غريب بي پهچ ماڻهن جون اجتماعي شادين ڪرائڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي،

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي جي سماجي ڪارڪن پنهنجي دوستن کي ساڻ ڪري انساني ڀلائي جي ڪمن سان گڏ غريب بي پهچ ماڻهن جون اجتماعي شادين ڪرائڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ ٺٽي جي سماجي ڪارڪن شعيب حبيب ميمڻ پنهنجي دوستن سان گڏ ٺٽي ضلعي جي غريب ۽ بي پهچ مستحق ماڻهن جي پنهنجي مدد پاڻ تحت انسانيت جي بنياد تي انهن جي خدمت جو سلسلو شروع ڪندي ساڪري تعلقي جي يونين ڪائونسل پليجاڻي جي ڳوٺ نوراحمد جوکيو جي 10 غريب پورهيتن جي نياڻين کي ڏاج ڏيڻ سان گڏ 10 جوڙن جي ڳوٺ ۾ اجتماعي شادي ڪرائي کين شادي جو گھربل ڏاج ڏنو ان موقعي تي شهيب حبيب ميمڻ چيو ته هن پنهنجي دوستن سان گڏجي ٺٽي جي بي پهچ ۽ غريب مستحق نياڻين جي شادي ڪرائڻ سان گڏ لاچار ماڻهن جي پڻ پنهنجي مدد پاڻ تحت انساني خدمت جي جذبي طور خدمت ڪرڻ جو سلسلو شروٿ ڪيو آهي هن چيو ته هو هن مهل تائين 130 جوڙن جون شاديون ڪرائي کين ڏاج ۽ ٻيون ضروري شيون پڻ مهيا ڪري چڪو آهي هن چيو ته هنن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت پڻ سول اسپتال ٺٽي جي اکين جي شعبي کي هٿي ڏيارڻ لاءِ لينس ۽ ٻيو آپريشن جو گھربل مواد هر مهيني مهيا ڪندا رهندا آهن هن چيو ته سندن هر ممڪن ڪوشش آهي ته هو انساني بنيادن تي مستحق ۽ بي پهچ لاچار ماڻهن جي مدد ڪرڻ سان گڏ کين روزگار ۾ پڻ مدد ڪن هن چيو ته هنن پاران سول اسپتال ٺٽو جي انتظاميه کي ويل چيئرز ڏنيون ويون آهن ته جيئن هو ڪنهن غريب ۽ لاچار ماڻهو اهي ويل چيئر ڏئي سگھن هن چيو ته سندن ڀرپور ڪوشش آهي ته هو انسانيت جي خدمت سان گڏ انهن بي پهچ ۽ غريب پورهيتن جي نياڻين جي شادين ۾ سندن مدد ڪري انهن جي نياڻين جي گھر کي آباد ڪن.


