ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ٺٽي جون چونڊون فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٺٽو شھباز شيخ جي نگراني هيٺ ٿيون جنھن ۾ سخت مقابلي بعد ينگ لائيرز فورم پاران نامزد صدر جو اميدوار سينيئر وڪيل ايڊووڪيٽ اعجاز شاھ شڪرالاهي 91ووٽ حاصل ڪري سال 2025ع لاء بار جو صدر چونڊجي ويو


ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ٺٽي جون چونڊون فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٺٽو شھباز شيخ جي نگراني هيٺ ٿيون جنھن ۾ سخت مقابلي بعد ينگ لائيرز فورم پاران نامزد صدر جو اميدوار سينيئر وڪيل ايڊووڪيٽ اعجاز شاھ شڪرالاهي 91ووٽ حاصل ڪري سال 2025ع لاء بار جو صدر چونڊجي ويو سندس سامهون آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھندڙ اميدوار اڳوڻو بار جو جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ منصور ترڪ 86 ووٽ حاصل ڪري سخت مقابلي بعد 5 ووٽن تان هارائي ويو.


اهڙي ريت ينگ لائيرز فورم جي نامزد نائب صدر جي اميدوار ايڊووڪيٽ محمد علي عباسي 101 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جنهن جي سامهون ايڊووڪيٽ عبيدالله ڀٽو 76 ووٽ کڻي هارائي ويو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ٺٽو جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي ينگ لائيرز فورم پاران نامزد نوجوان وڪيل ايڊووڪيٽ صدام حسين عباسي 105 ووٽ حاصل ڪري سامهون وڪيل قربان هالو33 ووٽن تان شڪست ڏيئي بار جو ايندڙ سال لاء جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو اهڙي ريت ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ٺٽو جي جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي نامزد اميدوار ٺٽي جي مشھور شاعره ايڊووڪيٽ گل بيبي شاھ جي پُٽ عرفات قريشي پڻ 101 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي جنهن جي سامهون عورت اميدوار ايڊووڪيٽ اَنوشا 76 ووٽ کڻي هارائي وئي. جڏھن ته خزانچي جي عهدي تي نوجوان وڪيل ارمغان عرف ڪاشان شاھ 109 ووٽ کڻي اعجاز جاکرو کي شڪست ڏني ۽ لائبريرين جي عهدي تي نوجوان وڪيل شهباز ميمڻ 91 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي تي قربان ميمڻ قادر جروار شبير ڪنڀار فيض محمد جهرڪو ناصر عباسي نوراحمد سومرو ۽ محمد مراد گهراڻو چونڊجي ويا.

اپنا تبصرہ بھیجیں