ايڪسپو سينٽر ۾ جاري پنج ڏينهن وارو 19هون عالمي ڪتاب ميلو علم جي اُڃ اُجهائيندو ڪاميابيءَ سان پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو.

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڪسپو سينٽر ۾ جاري پنج ڏينهن وارو 19هون عالمي ڪتاب ميلو علم جي اُڃ اُجهائيندو ڪاميابيءَ سان پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. 12 ڊسمبر کان 16 ڊسمبر تائين جاري رهندڙ هن ڪتاب ميلو ۾ لڳ ڀڳ 800 کان وڌيڪ اسڪول، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن، چين، سنگاپور، ملائيشيا ۽ نيپال کان آيل ماڻهن سميت 5 لک 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. ميلو جي آخري ڏينهن تي پبلشرز طرفان ڪتابن تي 50 کان 70 سيڪڙو رعايت پيش ڪئي وئي.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري عالمي ڪتاب ميلو جي 19 سالن کان جاري هجڻ ۽ ان کي ڪراچي جي سڃاڻپ بڻائڻ تي ڪنويئنر وقار متين خان لاءِ تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو. اختتامي تقريب ۾ ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي به شريڪ ٿيو، جنهن ڪتاب ميلو منعقد ڪرڻ تي منتظمين ۽ ڪنويئنر وقار متين کي مبارڪباد ڏني. هن موقعي تي ڪوآرڊينيٽر طحٰه جمال ۽ شيخ عالمگير يوسف کي گلن جا گلدستا ڏنا ويا ۽ سندن خدمتن کي ساراهيو ويو.

وقار متين پنهنجي تقرير ۾ چيو ته هن سال شهرين جي شرڪت جا سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا آهن. ايندڙ ڪتاب ميلو ۾ ثقافتي ۽ شاعريءَ جا پروگرام پڻ شامل ڪيا ويندا ۽ اديبن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو انتظام به ڪيو ويندو. ايڪسپو سينٽر جو افتتاح مهمان خصوصي وزيراعليٰ مراد علي شاهه ڪيو، جڏهن ته سنڌ جو تعليم وارو وزير سردار علي شاهه، ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ اڳوڻو اطلاعات وارو وزير ۽ آرٽس ڪائونسل پاڪستان جو صدر احمد شاهه پڻ موجود هئا.

عالمي ڪتاب ميلو ۾ 17 ملڪن جي لڳ ڀڳ 40 ادارن جا 330 اسٽال لڳايا ويا هئا. ترڪي جي اسٽال ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز رهيو، جتي مفت ڪتاب ورهايا ويا. ڪتاب ميلو ۾ ماڻهن تاريخي، ناول، سفرناما، ۽ ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيون، ڪامڪس ۽ هم نصابي مواد تي ٻڌل ڪتاب خريد ڪيا. شهرين جي سهولت لاءِ هڪ خانگي بئنڪ پاران اي ٽي ايم مشين به لڳائي وئي هئي، جڏهن ته ايڪسپو سينٽر ۽ ان جي آسپاس سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

سينيئر صحافي ۽ شاعر اي ايڇ خانزاده جي حمد ۽ نعتن جو مجموعو “عشق عقيدو” سميت 10 ليکڪن جي ڪتابن جي رونمائي ڪئي وئي. پاڪستان پبلشرز اينڊ بڪ سيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عزيز خالد، ڪي آءِ بي ايف جي ڪنويئنر وقار متين، ڊپٽي ڪنويئنر سيد ناصر حسين، سيڪريٽري طحٰه جمال ۽ ٻين ميمبرن ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن مان شرڪت ڪندڙن جو خاص شڪريو ادا ڪيو.

وقار متين چيو ته ڪتاب ميلو ۾ شهرين ۽ شاگردن جي وڏي شرڪت اسان جي حوصله افزائي ڪئي آهي ۽ ان مان ماڻهن جي ڪتابن سان لڳاءُ ۽ محبت جو ثبوت مليو آهي. پبلشرز جو چوڻ هو ته هن سال پڻ رڪارڊ ڪتاب وڪرو ٿيا ۽ اسٽاڪ ختم ٿي ويو.

پنج ڏينهن واري ڪتاب ميلو ۾ سياسي، سماجي ۽ سرڪاري شخصيتن جي شرڪت جو سلسلو جاري رهيو. گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري، وفاقي وزير تعليم خالد مقبول صديقي، ادبي شخصيتون فاطمه حسن ۽ سحر انصاري، روس جي ڪنسليٽ جنرل رسلان رکوف، خانگي اسڪولن جا چيئرمين، ادبي ادارن جا اڳواڻ ۽ ٻيا ڪيترائي معزز شخصيتون پڻ شريڪ ٿيون. شهرين جو مطالبو آهي ته اهڙو ڪتاب ميلو سال ۾ ٻه دفعا ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي سنڌ جي ٻين شهرن تائين به وڌائڻ گهرجي.

اپنا تبصرہ بھیجیں