عالمي انساني حقن جي تنظيم انٽرنيشنل هيومن رائيٽس موومينٽ جي وفد سنڌ حڪومت جي هيومن رائٽس ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري تحسين فاطمه سان ملاقات ڪئي،


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) عالمي انساني حقن جي تنظيم انٽرنيشنل هيومن رائيٽس موومينٽ جي وفد سنڌ حڪومت جي هيومن رائٽس ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري تحسين فاطمه سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ شامل وفا اڪرم عباسي، سيد معراج شاهه، بشير شورو، سيد تشڪيل شاهه، وومين ونگ جي صدر بيبي ياسمين شاهه، جنرل سيڪريٽري حميرا علي، چيئرمين وقارالنساء ۽ ٻيا شامل ھئا. ان موقعي تي ريسرچ آفيسر اسڪالر نازيه ناز، پي ايس ٽو سيڪريٽري افشان انچارج ٺٽو، الطاف حسين تنيو، زاهد حسين ڏيٿو، فرحان شمس ميمڻ به ٻيا پڻ موجود هئا، ان موقعي تي انساني حقوق جي وفد انساني حقن واري کاتي سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري تحسين فاطمه کي ضلعي ٺٽي ۾ انساني حقن جي ٿيندڙ خلاف ورزين بابت آگاھ ڪري عملي قدم کڻڻ جي گذارش ڪندي چيو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت اسان جي تنظيم مثبت ڪردار ادا ڪري رھي آهي، وفا اڪرم عباسي چيو ته ضلعي کي مضبوط ڪرڻ لاء تنظيم سازي جاري آهي، ضلعي ۾ سموري ونگز يوٿ ونگ، قانوني ونگ، اقليتي ونگ، مذهبي ونگ، اسٽوڊنٽ ڊاڪٽر ونگ شامل آهن، جن کي منظم ڪرڻ جو عمل جاري آهي. ھن چيو تہ هونئن ته انٽرنيشنل هيومن رائيٽس موومينٽ نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي سٺ کان وڌيڪ ملڪن ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جنھن جو باني و چيئرمين رانا بشارت علي خان آھي، اسان جو مشن ٺٽي کي انٽرنيشنل هيومن رائيٽس موومينٽ جو مضبوط قلعو بڻائڻ آهي، ڇو ته هتي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون عروج تي آهن. اسان سڀني کي انسانيت جي خدمت جي عظيم مقصد کي اڳتي وڌائڻو آهي. هن چيو ته هر ونگ چاهي اها خواتين ونگ هجي، يوٿ ونگ هجي يا ڊاڪٽرز ونگ هجي، ان کي متحرڪ ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ ڪوششون جاري اھن.

==========================================

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp


8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے

( 03094386375 )
WhatsApp


Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact

( 03094386375 )
WhatsApp
================================

اپنا تبصرہ بھیجیں