جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ” گهٽ وسيلن وارن علائقن ۾ بي اولادي جي مرض جي خاتمي ۽ علاج جي رسائي ۾ بهتري “ جي عنوان سان هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو، سيمينار جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ سنڌ جي توليدي ۽ جنياتي صحت مرڪز جي سهڪار سان ٿيو، جنهن جو مقصد گهٽ ۽ وچولي آمدني واري طبقي جي قابلِ رسائي ۽ سستو علاج فراهم ڪرڻ آهي.
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ چيو ته جڏهن هن ذميواري سنڀالي تڏهن سنڌ توليدي ۽ جنياتي صحت مرڪز رڳو ٻن ڪمرن تائين محدود هو، هن جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ نئين مرڪز جي قيام تي ڪم ڪيو ته جيئن پٺتي پيل آبادي جي معياري ۽ سستي علاج جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي.
پروفيسر امجد سراج توليدي غدود جي هڪ مخصوص يونٽ جي قيام جي تجويز پڻ ڏني ۽ بي اولادي واري مسئلي جي حل لاءِ جنسي تعليم جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.
جناح اسپتال جي گائناڪالوجي ڊپارٽمينٽ وارٽ 9 بي جي سربراهه ڊاڪٽر نگهت شاهه ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بي اولادي جي مرض کي انفراديت جو مسئلو نه سمجهڻ گهرجي پر اِهو جوڙي جو مسئلو آهي، جنهن جي حل لاءِ هڪ ٽيم گهربل هوندي آهي ته جيئن عوامي سطح تي معياري علاج فراهم ڪري سگهجي.
ڊائريڪٽر ايڇ آر ۽ ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر راحت ناز چيو ته منتظم طور هوءَ ان ڳالهه تي زور ڏيندي آهيان ته ٻارن جو هڪ جوڙي جي زندگي ۾ ڪهڙو ڪردار هوندو ۽ بي اولادي جي مرض ۾ مبتلا مريضن سان همدردي ۽ عزم سان پيش اچڻ ضروري آهي.
ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر نديم زبيري اينڊو ميٽريوسس ۽ ڊاڪٽر زرناب سيٽنا ٽيوبل فيڪٽر بي اولادي واري موضوع تي ماهر پينلز جي قيادت ڪئي، ڪراچي جي نمايان گائناڪالوجسٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن جي سهولتڪار جي پي ايم سي وارٽ 9 بي جي سينٽر رجسٽرار ڊاڪٽر فرح خان ڪئي.
ڪانفرنس ۾ جي ايس ايم يو ۽ ايس آر جي ايڇ سي طرفان بي اولادي واري مسئلي جي حل ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ معياري ۽ قابلِ رسائي علاج فراهم ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو.


