ٺٽي جي خبر ۔۔۔۔۔۔ ٺٽي ويجهو ڪي ڊي اي موري ۽ ڇٽو چانڊ ۾ 3 غير قانوني ڪرش پلانٽ لڳڻ خلاف متاثر ڳوٺاڻن جي عورتن ۽ مردن جو احتجاج

ٺٽو (جيوي پاڪستان)
ٺٽي لڳ ڪي ڊي اي موري ۽ ڇتوچنڊ ڀرسان ٽن غير قانوني ڪريش پلانٽن جي قائم ٿيڻ سبب متاثر ٿيندڙ ڳوٺن جي عورتن ۽ مردن جو ڪريش پلانٽن خلاف احتجاج ۽ ڪم بند ڪرائڻ وارو معاملو ڪريش پلانٽ مافيا پاران متاثر احتجاج ڪندڙ اڍائي سئو کان مٿي ڳوٺاڻن ۽ عورتن خلاف مڪلي ٿاڻي تي 4 ڌار ڌار ڪيس داخل سندن گرفتارين لاء ڇاپا جاري مڪلي ٿاڻي تي ڪريش پلانٽن جي مينيجرن پاران داخل ڪرايل ڌار ڌار چئن ايف آء آرن ۾ ڳوٺ حاجي رمضان هيجب جي معزز شخصيتن نواز، صديق، هارون، حڪيم، عبداللّٰه، مجيد، مبين، نظير، نور علي هيجب جاکرو ۽ ٻين 50 ڄاتل ۽ 4 سئو کان مٿي نامعلوم عورتن ۽ مردن خلاف هنگامو ڪري ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ ڌمڪيون ڏيڻ ۽ سامان ڦرلٽ ڪري کڻي وڃڻ جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيا ويا داخل ڪرايل ڪيسن ۾ اسفالٽ ڪريش پلانٽ جي فريادي خيرپور واسي مينيجر پرويز احمد سومرو، پاڪ ريڊڪس ڪريش پلانٽ جي خيرپور واسي مينيجر عبدالغفار لاشاري، فرينڊ اسٽون ڪريش پلانٽ جي ڊيرا اسماعيل خان غازي واسي علي اڪبر پٺاڻ ۽ اسفالٽ ڪريش پلانٽ جي ٻئي مينيجر سکر واسي نظير احمد مڱريو جي فريادن تي چارئي ڪيس مڪلي ٿاڻي تي قلم 382 506/2 504 147 148 149 427 337 ايڇ ٽُو پي پي سي تحت داخل ڪيا ويا ڇتوچنڊ جي ڳوٺ حاجي رمضان هيجب ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسي عورتن ۽ نوجوانن احتجاج ڪندي ڪريش پلانٽن جي ڌماڪن ۽ دونهي سبب متاثر ٿيڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ ڪريش پلانٽن تي چڙھائي ڪري پٺاڻن جي مشينري کي بند ڪرائي ڇڏيو هو ڪريش پلانٽن جي مينيجرن پاران ٺٽو ٿاڻي تي هيجب برادري جي 15 کان مٿي معزز شخصيتن سميت اڍائي سئو ڳوٺاڻن ۽ عورتن خلاف مٿن حملو ڪري فائرنگ ڪرڻ ۽ ڀڃ ڊاھ جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيا ويا ٺٽو ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيسن کانپوء پوليس ڳوٺاڻن ۽ عورتن جي گرفتارين لاء ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو متاثر ڳوٺاڻن داھيندي چيو ته اسان متاثر ڪيترن ئي سالن کان وٺي دانهيندا پيا اچون پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي بااثر شخصيتن جي سرپرستي هيٺ اتر وزيرستان ڪي پي ڪي ۽ ٻين علائقن جي پٺاڻن زبردستي اسانجي ڳوٺن جي ڀرسان جابلو علائقي ۾ غير قانوني ڪريش پلانٽون قائم ڪيون آھن جن جي ڌماڪن ۽ دونهي سبب اسانجي زندگي جنجال بڻيل آھي مجبور ٿي پرامن احتجاج ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھنن وڌيڪ چيو ته ڪيس فوري طور تي واپس وٺي ڪريش پلانٽون بند نه ڪرايون ويون ته احتجاجي ڌرڻن جي صورت ۾ تحريڪ وڌيڪ تيز ڪئي ويندي جڏهن ته ٺٽي جي سڄاڻ سياسي سماجي ڌرين پاران معزز ڳوٺاڻن سميت عورتن ۽ ڳوٺاڻن تي احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ 4 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف سخت رد عمل ظاهر ڪندي ڪيس واپس وٺڻ جو مطالبو ٻئي صورت ۾ ڳوٺاڻن سان گڏ تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏنو آهي


ٺٽو (جيوي پاڪستان)
ٺٽي لڳ ڇتوچنڊ ڀرسان ڪي ڊي اي موري وٽ جابلو علائقي ۾ غير قانوني طور 3 ڪريش پلانٽن سبب متاثر ٿيل ڳوٺاڻن جي احتجاج ۽ مٿن رات دير سان 4 ڌار ڌار ڪيس داخل ٿيڻ وارو معاملو ٺٽو مڪلي سميت ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي وڏي پوليس نفري جي اڄ صبح فجر مهل ڇتوچنڊ لڳ ڳوٺ رمضان هيجب جاکرو تي چڙھائي ڳوٺاڻن ۽ عورتن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش وڏي ڳوٺ تي چڙھائي دوران ڳوٺاڻن جي امڪاني مزاحمت کي مدنظر رکندي اعليٰ پوليس عملدارن پوليس واپس ڪرائي ڇڏي متاثر ڳوٺاڻن جو مقامي مختلف برادرين سان گڏجي اڄ منجهند 12 وڳي ڇتوچنڊ ۾ مين قومي شاهراه تي بااثر ڪريش پلانٽ مافيا ۽ داخل ڪرايل ڪيسن خلاف ڌرڻي جون تياريون جاري گذريل ڏينهن ٽن ڪريش پلانٽن تي ڳوٺ حاجي رمضان هيجب جاکرو جي رهواسي عورتن ۽ نوجوانن پهچي سخت احتجاج ڪندي پٺاڻن جون مشينريون بند ڪرائي ڇڏيون هيون ۽ دانهيندي چيو هو ته ڪريش پلانٽن سبب ٿيندڙ ڌماڪن ۽ دونهي سبب سندن زندگي زهر بڻجي وئي آھي ۽ ھاڻي ڏامر جا پلانٽ لڳڻ ڪري اهي وڌيڪ عتاب جو شڪار ٿي ويا آھن ڪريش پلانٽون ختم ڪرائڻ جو هنن مطالبو ڪيو هو رات دير سان ڪريش پلانٽ جا مينيجر فريادي بڻجي متاثر ڳوٺ جي چڱن مڙسن نواز هيجب صديق هيجب وڏيرو حڪيم هيجب عبدالله هيجب مجيد هيجب نور علي هيجب هارون هيجب سميت 50 سڃاتل ۽ 4 سئو کان مٿي نامعلوم عورتن ۽ مردن خلاف هنگامو ڪري ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ ڌمڪيون ڏيئي فائرنگ ڪرڻ ۽ سامان جي ڦرلٽ ڪري کڻي وڃڻ جي الزام هيٺ 4 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا هئا جڏهن ته ٺٽي جي مختلف برادرين توڙي سياسي سماجي ڌرين پاران ڳوٺاڻن تي داخل ڪرايل ڪيسن ۽ ڪريش پلانٽن جي خاتمي لاء ڳوٺاڻن سان گڏجي جدوجهد جو اعلان اڄ منجهند 12 وڳي ڇتوچنڊ ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو ويندو


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي لڳ ڇتوچنڊ ڀرسان جابلو ٽڪري تي قائم ٿيل ٽن غير قانوني ڪريش پلانٽن خلاف مقامي ھيجب جاکرا برادري پاران نڪرندڙ دز، مٽي سبب ڳوٺاڻن پاران ساھ، دم ۽ چمڙين وارين بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ سميت سندن گھرن کي پھچندڙ نقصان خلاف احتجاج ڪرڻ تي مقامي 4 سئو کان مٿي ڳوٺاڻن ۽ عورتن خلاف مڪلي ٿاڻي تي ڪريش پلانٽ جي انتظاميہ طرفان چار الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪرڻ لاء پوليس پاران رات جي انڌيري ۾ سندن گھرن کي ڪڙو چاڙھي گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف متاثر هيجب جاکرا برادري جي سوين ڳوٺاڻن پاران سياسي، سماجي ڌرين سان گڏ ٺٽي لڳ ڇتوچنڊ شھر جي مين اسٽاپ ٺٽو/حيدرآباد قومي شاهراھ تي ڌرڻو ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراه تي وڏيرو رسول بخش جاکرو، ايس تي پي اڳواڻ سيد جلال شاھ، عبدالله ھيجب، دائود ھيجب، حاجي حسن جاکرو، سنڌ ھاء ڪورٽ جي وڪيل شبير ڪنڀار، ياسر جاکرو، ڀورو سرڪي، ناٿو خان بروھي، نور علي ھيجب، باغي غلام علي جاکرو جي اڳواڻي ۾ ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، جنھن ۾ قومپرست اڳواڻن سميت آسپاس جي مختلف برادرين جي ماڻھن يڪجھتي طور وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن توڙي قومپرست اڳواڻن وڏيرو رسول بخش جاکرو، سيد جلال شاھ، عبدالله ھيجب ۽ ٻين چيو تہ جڏھن کان اھي مقامي ڳوٺن ڀرسان ڪريش پلانٽ قائم ڪيا ويا آھن، تڏھن کان ئي مقامي رھواسي سخت پريشان رھندا پيا اچن. ھنن چيو تہ قائم ٿيل ڪريش پلانٽن مان نڪرندڙ دز، مٽي، لٽ سبب اڪثر ماڻھون ساھ، دم، چمڙي سميت مختلف بيمارين ۾
وڪوڙجڻ سميت سندن گھرن کي ٿيندڙ بم ڌماڪن سبب وڏو نقصان پھتو اھي، جنھن نقصان کان بچڻ لاء مقامي متاثر ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو تہ متاثر 4 سئو کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جن ۾ عورتون شامل آھن، انھن مٿان مڪلي ٿاڻي تي چار الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، جنھن عمل جي جيتري بہ مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي، ھنن چيو تہ ھڪ طرف اھي ڪريش پلانٽ غيرقانوني آھن، ٻيو تہ اھي انساني آبادي کان 30 ڪلو ميٽر پري ھجڻ گھرجن، پر ھتي ڪوبہ انصاف ناھي، ڪريش پلانٽ ڳوٺن سان گڏ قائم ڪيا ويا آھن، جنھن سان ڳوٺاڻن کي نقصان پھچي رھيو آھي، ھنن چيو تہ متاثر ڳوٺاڻن جي ڪريش پلانٽن توڙي ڏامر پلانٽن جنھن ۾ ٽائر ساڙيا ٿا وڃن، جن جي قيام سان متاثر ڳوٺاڻن جي زندگي زهر بڻجي ويئي آھي، ھنن چيو تہ متاثر ڳوٺاڻن پاران مختلف وقتن تي احتجاجن ڪرڻ سميت ڪالهوڪي ڪيل پرامن احتجاج بعد چار سئو کان مٿي ڳوٺاڻن ۽ عورتن خلاف مڪلي ٿاڻي تي 4 ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، جيڪو عمل برداشت کان ٻاھر آھي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن ڪريش پلانٽ بند ڪري انھن کي ڳوٺاڻي آبادي کان پري منتقل ڪري ڳوٺاڻن تي داخل سمورا ڪيس ختم ڪري انھن کي پھتل نقصان جو ازالو ڪرائي پوليس چڙھائين جو عمل بند ڪري مقامي رھواسين کي تحفظ مھيا ڪري کين ڪريش پلانٽ جي انتظاميہ جي زيادتين ۽ ناانصافين مان نجات ڏياري وڃي، ٻئي صورت ۾ انصاف لاء عدالت ۾ وينداسين.


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي ويجھو جابلو ٽڪري تي قائم ٽن ڪريش پلانٽن پاران نڪرندڙ دز، مٽي سبب اڪثر مقامي رھواسي ساھ، دم، چمڙي وارين بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا، ڪريش پلانٽن پاران زوردار ڌماڪا ڪرڻ سبب اڪثر ماڻھن جي پڪين جڳھين ۾ ڏار پوڻ ڪري جڳھيون ڪريڪ ٿيڻ سان گڏ ماڻھن جي آرام ۾ بہ خلل پوڻ لڳو، رھيل ڪسر ڪريش ڍوئيندڙ ڳرن ٽرالرن توڙي ڊمپرن پوري ڪري روڊ کي بہ ٽوڙي مٽي جو ڍير بنائي ڇڏيو، مقامي رھواسين جو ڪريش پلانٽ تي احتجاج ڪريش پلانٽ کي فورن بند ڪري انھن کي ڳوٺن کان پري ڪري کين پھتل نقصان جو ازالو ڪرائي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ درگاھ لال پير ڀرسان ڳوٺ حاجي عثمان ھيجب جي ڪيترن ئي رھواسين پنھنجي عورتن سان گڏ ڪريش پلانٽ تي پھچي ڳريون مشينون بند ڪرائي سخت احتجاج ڪندي چيو تہ ٺٽي ويجھو ڪي ڊي اي واھ ڀرسان جابلو ٽڪري تي بااثر ماڻھن جي آشيرواد سان 3 ڪريش پلانٽ سندن ڳوٺن ڀرسان قائم ڪيا ويا آھن، جن مان دز، مٽي، لٽ نڪرڻ ڪري ھڪ پاسي وڏي تعداد ۾ مقامي رھواسي ساھ، دم، چمڙي جي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن تہ ٻئي طرف ڪريش پلانٽن طرفان ٿيندڙ ڌماڪن سبب سندن سندن آرام ۾ خلل پوڻ سان گڏ سندن پڪين جڳھين ۾ ڏار پوڻ ڪري سندن جڳھيون ڪريڪ ٿي ويون آھن، دز، مٽي سبب سندن زرخير زمينون بہ بنجر بڻجي رھيون آھن، جڏھن تہ ڪريش پلانٽن جو ڪريش ڍوئيندڙ ڳرن ٽرالرن توڙي ڊمپرن ننڍا روڊ، رستا بہ ٽوڙي ھلڻ جي قابل ناھن ڇڏيا، ھنن چيو تہ ڪريش پلانٽ بااثر ماڻھن جا هجڻ ڪري ڳوٺاڻن جي دانھَن باوجود ڪير به نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھي، ھنن چيو تہ ڪريش پلانٽن کي ٺيڪي تي هلائيندڙ پٺاڻن سندن جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي، ھنن الزام ھڻندي چيو تہ ڪريش پلانٽ قائم ڪرائيندڙ بااثر شخصيتون پٺاڻن کان ماهوار ڀتو وٺڻ ۾ رڌل آھن، جن ۾ اسانجي ڳوٺ جا وڏيرا به شامل آھن، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ اسان جي ٻچن تي رحم ڪري ڪريش پلانٽ انساني آبادي کان پري ڪري ڪريش پلانٽن بند ڪرائي اسانکي انھن جي آزار مان نجات ڏياري کين پھچندڙ نقصان جو ازالو ڪرائڻ سان گڏ کين متبادل طور هتان لڏائي بئي ھنڌ منتقل ڪيو وڇي، جيئن اسان وڌيڪ نقصان توڙي پريشاني کان بچي سگھون. ڪريش پلانٽن تي مقامي متاثر مانھن توڙي ڪريش پلانٽ انتظاميہ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ بعد ڪريش پلانٽ انتظاميہ پوليس کي طلب ڪري ورتو آھي.

اپنا تبصرہ بھیجیں