
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) سنڌ جي تاريخي شاهجهان جامع مسجد ٺٽو کي تازين زوردار برساتن تباهي جي ور چاڙھي ڇڏيو، آرڪيالاجي کاتي جي ناقص انتظامن سبب فرينچ ڊرين ۾ برساتي پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري جامع مسجد کي ڪريڪس پئجي ويا، مغليه دور جي شاهڪار جامع مسجد ٺٽو کي تازين زوردار برساتن سبب ڪيترن ئي هنڌن تان وڏا وڏا ڏار پئجي وڃڻ سميت ڪجھ حصا ۽ ڪاشي جو ٿيل ڪم متاثر ٿي ڊھڻ لڳو اھي، پر اڃان تائين ڪنھن بہ نوٽيس ناھي ورتو، ان سلسلي ۾ شاھجھان جامع مسجد ٺٽي جي نائب خطيب مولوي محمد شاڪر صديقي جو چوڻ آھي تہ آرڪيالاجي کاتي پاران مسجد جي بچاءُ لاء ڪجھ وقت اڳ مسجد سان لڳو لڳ چوطرف کوٽيل فرينچ ڊرين وڌيڪ تاريخي شاهڪار عمارت کي نقصان رسائي ڇڏيو اھي، جنھن ڪري سموري مسجد سخت زبون حالي جو شڪار بڻجي ويئي اھي، ھن چيو تہ شاهجهان جامع مسجد ٺٽو جي محراب واري حصي سميت مختلف گنبزن جو هيٺانهون حصو بہ سخت متاثر ٿين ڪري اُڪريل آيتن وارو ڪم به ڊھڻ لڳو اھي، جنھن ڪري شاهجهان جامع مسجد ٺٽو جي حالت انتهائي زبون هجڻ ڪري ڪنهن نه وقت سانحي جو خطرو موجود آھي، ھن سنڌ حڪومت سميت سمورن وس وارن کان گھر ڪئي تہ هنگامي بنيادن تي شاهجهان جامع مسجد کي بچائي ان جو مرمتي ڪم شروع ڪري ان کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.
===============================


