سال اڳ مان تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ يار محمد مائري ڪلهوڙو جي رهواسي منظور مائري جي نياڻي عصمه سان پسند جو پرڻو جو پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ ڪراچي جي عدالت ۾ درخواست پڻ داخل ڪرائي هئي،

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي گهنٽي ڦاٽڪ واري علائقي جي رهواسي نوجوان عجب مائري ڪلهوڙو پنهنجي معصوم ٻارڙن معصومه زهره ۽ عين عباس سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 5 سال اڳ مان تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ يار محمد مائري ڪلهوڙو جي رهواسي منظور مائري جي نياڻي عصمه سان پسند جو پرڻو جو پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ ڪراچي جي عدالت ۾ درخواست پڻ داخل ڪرائي هئي، جنهن مان ٽن ٻارن معصومه زهره، عين عباس ۽ ام رباب جي اولاد آهي، جڏهن ته پسند جو پرڻو ڪرڻ کان پوءِ مائٽن ڇڪتاڻ ڪئي، جنهن معاملي جو چڱن مڙس وٽ راڄوڻي فيصلو ٿيو، جنهن فيصلي ۾ مون مٿان 30 لک روپيا ڏنڊ وڌو هيو، جيڪا سموري رقم چئن مهينن ۾ مون کين ادا ڪري ڏني. هن الزام لڳايو ته منهنجو سهرو منظور مائري، سالا غلام علي عرف بابو، معظم علي مائري ۽ ٻيا مختلف وقتن تي مونکي ڌمڪيون ڏيندي حراسان ڪندا هئا، جن هٿيار ساڻ ڪري گذريل آچر ڏينهن شهر جي شهيد عبدالمالڪ ڀٽو ٿاڻي جي حد سول اسپتال وٽ مون مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ آئون معجزاڻي طور محفوظ رهيس، اهڙي جو ڪيس حد جي ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف داخل ڪرايو آهي، پر پوليس هن وقت تائين جوابدار ڌر خلاف ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي، جنهن ڪري بااثر جوابدار مونکي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن مان مون سميت منهنجي گهرڀاتين کي جان جو خطرو آهي. هن وس وارين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سزا ڏيڻ سميت اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں