پنجاب ۾ نمونيا سبب صورتحال خراب، 8 ڏينهن دوران 100 کان وڌيڪ ٻار فوت

ڪراچي (م ڊ) پنجاب ۾ نمونيا سبب انتهائي سنگين صورتحال پيدا ٿي وئي، 8 ڏينهن جي دوران 100 کان وڌيڪ ٻار فوت ٿي ويا، ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ خطرناڪ نمونيا وڌيڪ 8 ٻارن جون زندگيون ڳڙڪائي وئي، جڏهن ته 8 ڏينهن دوران 100 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا

پنجاب جي صحت واري کاتي موجب صوبي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران نمونيا جا 792 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته لاهور ۾ هڪ ڏينهن دوران 191 ڪيسز سامهون آيا

پنجاب ۾ هلندڙ سال نمونيا سبب 296 موت ۽ 18 هزار 40 ڪيس سامهون آيا، لاهور ۾ هلندڙ سال نمونيا سبب 57 ٻارڙا موت جو شڪار ٿيا ۽ 3 هزار 342 ڪيس رپورٽ ٿيا

پنجاب ۾ نمونيا خوفناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي، جتي ان بيماري جي ڪري فوتين جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، گذريل 8 ڏينهن ۾ 100 جي لڳ ڀڳ ٻارڙا جانيون وڃائي ويٺا آهن

TAGStop_stories

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

.

اپنا تبصرہ بھیجیں