
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي):
سنڌو درياءُ مان 6 نون ڪئنالن خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي ويندي سنڌ جي سمورن شھرن جا ڪاروباري دڪاندار ريڙھين وارا پنهنجو ڪاروبار بند رکي سنڌو درياءُ تي ڌاڙي خلاف پنهنجو ردعمل ڏيندا، اهڙن خيالن جو اظھار ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي ٺٽي لڳ ڳوٺ پير محمد بروهي ۾ سينيئر صحافي نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جي صدر محبوب بروهي آپڪا اڳواڻ تاج حسين بروهي سان سندن والد جي وفات تي عذر خواهي بعد ميڍيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اڄ واري هڙتال صرف شٽرڊائون ۽ پرامن هوندي سڄي سنڌ ۾ ايس ٽي پي جا ڪارڪن هڙتال کي ڪامياب بنائڻ لاء دڪاندارن ڪاروباري ماڻھن ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن سان ملاقاتون ڪري رهيا آھن. هن چيو ته سنڌو دريا مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو مقصد سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪري سنڌ جي عوام کي اڪيلو ڪري سندن معاشي قتل عام جي سازش آھي جيڪا سازش اڳوڻي ڊڪٽيٽر جنرل پرويز مشرف جي دور کان شروع ٿي هئي، هن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پيپلزپارٽي قومي اسيمبلي سينيٽ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ 6 تڪراري ڪئنالن واري معاملي
تي ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي آھي پيپلزپارٽي سنڌو دريا تي ڌاڙي واري معاملي ۾ سڌي ريت شامل آھي جيڪڏھن پيپلزپارٽي ڪئنالن جي خلاف آھي ته پنهنجي پوزيشن واضع ڪري ڇاڪاڻ جو نواز ليگ جي وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي جي ٽيڪ تي بيٺل آھي: ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي ميڍيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي عوام کي ڪڇي ڪئنال سنڌ جي عوام کي ريڻي ڪئنال ۽ ٿر ڪئنال جا لولي پوپ ڏيئي ۽ ڪي پي ڪي کي وري ڊيرا اسماعيل خان جي بنجر زمينن کي آباد ڪرڻ لاء ڌار ڪئنال جو لولي پوپ ڏيئي هي حڪمران اصل سنڌو دريا جي پاڻي تي ڌاڙي واري منصوبي تي عمل پيرا آھن. هن چيو ته جنرل ضياءُ کان وٺي جنرل پرويز مشرف تائين مختلف دورن ۾ سنڌو دريا جي پاڻي تي ڌاڙي لاء ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي منصوبي تي بضد هئا پر ٽن صوبن جي سخت عوامي رد عمل کانپوء اُهي سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو شروع ڪري رهيا آھن جيڪا صورتحال سنڌ لاء انتهائي خطرناڪ آھي پنجاب جي ريگستانن کي آباد ڪرڻ لاء سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جي صورت ۾ سکر بئراج کان هيٺ پاڻي جو ڦڙو به نه پهچندو جنهن سان ساڍا 4 ڪروڙ کان به وڌيڪ سنڌي عوام سڌيءَ ريت تباهي جي ور چڙھي ويندي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي ڪروڙين شھري آبادي سميت سنڌ جي 80 سيڪڙو آبادي برباد ٿي ويندي جنهنڪري هن صورتحال کي سنجيده ورتو وڃي ۽ سنڌ جو عوام اهڙين سازشن کي سمجهي. ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ ھو ته ملڪ هن وقت غير يقيني واري صورتحال مان گذري رهيو آھي سنڌ جي پاڻي وسيلن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن ته ٻئي طرف ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال ايتري حد تائين خراب ٿي وئي آھي جو ڪرم ايجنسي سميت مختلف علائقن ۾ رياست جي رٽ ئي نه رهي آھي ۽ ٿاڻا ئي بند ٿيو وڃن.
ان موقعي تي ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏ ايس ٽي پي ٺٽي جو ضلعي صدر سيد جلال شاھ ناٿوخان بروهي جميل سمون راجو قريشي حيدر شورو صاحبڏنو سمون ستار قريشي ڪاشف سمون ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.
=============================

ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي): ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق احمد ڌاريجو سان گڏجي سول اسپتال مڪلي، ٽائون ڊسپينسري ٺٽو، ليبر ڪالوني ۽ ٻين مختلف علائقن جو دورو ڪري ھلندڙ پوليو مهم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو، ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. ڊويزنل ڪمشنر بلال احمد ميمڻ سول اسپتال ۽ ٽائون ڊسپينسري ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ۽ مختلف شعبن جو معائنو پڻ ڪيو. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ لاڳاپيل عملدارن پاران ڊويزنل ڪمشنر کي پوليو مهم بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊويزنل ڪمشنر چيو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 24 لک ضلعي ٺٽي ۾ 2 لک 34 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، پوري ٽيم محنت سان بھتر ڪم ڪري رهي آهي، گذريل مهم ۾ ھڪ سئو ٻہ سيڪڙو ٽارگيٽ پورو ڪيو ويو هو ۽ هن ڀيري به سمورن انڪاري ٻارڙن کي ڪور ڪيو ويندو، ڊي ايڇ او سميت پوري ٽيم جي محنت سان مقرر هدف حاصل ڪيو ويندو. هن چيو ته پوليو ٽيمن جي سڪيورٽي لاءِ پوري حيدرآباد رينج ۾ 6 هزار کان وڌيڪ جوان مقرر ڪيا ويا آهن ۽ بهتر سڪيورٽي ڪوآرڊينيشن سبب هن وقت تائين ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو آهي. ڊويزنل ڪمشنر چيو ته پوليو مهم ۾ عوام به تعاون ڪري رهيو آهي جڏهن ته ميڊيا سميت اسان سڀني جي اها ذميواري آهي ته هن موذي مرض بابت عوام ۾ شعور پيدا ڪريون ته جيئن اسان جي ملڪ ۽ صوبي مان پوليو جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پوليو جي مرض ۽ ان جي روڪٿام بابت آگاهي ۽ شعور وڌائڻ وقت جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته فيلڊ اسٽاف جي تربيت، مربوط منصوبابندي ۽ حڪمت عملي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي ته جيئن ڪو به ٻار ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهي.



