پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاھ راشدي سان سندس رھائش گاھ تي مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جي چيف آرگنائيزر محسن ھنڳورو ملاقات ڪئي

ڪراچي(بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاھ راشدي سان سندس رھائش گاھ تي مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جي چيف آرگنائيزر محسن ھنڳورو ملاقات ڪئي ،ان موقعي تي فنڪشنل ليگ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم موجود ھو،ان موقعي تي سيد صدرالدين شاھ راشدي ايم ايس ايف سنڌ جي آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي تنظيمي ڪارڪردگي کي ساراهيندي اميد ظاھر ڪئي ت تمام جلد ايم ايس ايف سڄي سنڌ م شاگردن کي ايم ايس ايف جي پليٽ فارم تي متحد ڪرڻ م ڪامياب ٿي ويندي،ھن چيو ت ايندڙ اليڪشن دؤران ء سنڌ جي تعليمي ادارن م شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ م ايم ايس ايف اهم ء فعال ڪردار ادا ڪندي،سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ت اسان جا نوجوان ملڪ ء قوم جو سرمايو آھن،اسان کي پنھنجي نوجوانن جي ڪردار سازي ء تربيت تي توجه ڏيڻي آهي ،ھن چيو ت شاگرد قوم جا معمار آهن ملڪ ء قوم جو سرمايو آهن ،جيستائين تعليمي ادارن م نوجوان ادارن م نوجوان شاگردن کي مڪمل تنظيمي حقن جي حوالي سان آزادي ن ڏني ويندي ان وقت تائين ملڪ م صاف شفاف ء تعميري سياست اڳتي ن وڌي سگھندي،سيد صدرالدين شاھ راشدي وڌيڪ چيو ت ملڪ جي سياست م شاگردن جو ھميشه اھم ڪردار رھيو آھي،تعليمي ادارا سياست جون نرسريون آھن.
==============================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں