وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پاران دوائن جي ذخيري ۽ غير معياري دوائن خلاف ڪارروائي جو حڪم


وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پاران دوائن جي ذخيري ۽ غير معياري دوائن خلاف ڪارروائي جو حڪم
ڪراچي (24 آگسٽ): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) باقر مقبول مارڪيٽ ۾ حياتي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير جسٽس باقر صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد نياز سان زندگي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ ۽ مارڪيٽ ۾ غير معياري دوائن بابت گردش ڪندڙ خبرن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صحت کاتو دوائن جي ذخيرو ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف مهم شروع ڪندو ۽ ان کان علاوه صحت کاتو انهن مينوفيڪچررز/ڊيلرن توڙي دڪانن تي جيڪي غير معياري دوائون ٺاهي ۽ وڪرو ڪندا انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. جسٽس باقر جو چوڻ هو ته معصوم ماڻهن جي زندگين سان کيڏيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير صحت واري وزير سان ڊينگي ۽ مليريا جي مسئلي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي پروگرامن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ مڪاني ادارن واري کاتي کي هدايت ڪئي وئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۾ مڇرمار اسپري شروع ڪن.
جرڳو: سنڌ جي وڏي وزير اوٻاوڙو ضلعي گهوٽڪي ۾ پيار جي شادي جي پراڻي تڪرار جي حل لاءِ ٿيل جرڳي جو نوٽيس ورتو جنهن ۾ نابالغ نياڻي کي مخالف ڌر سان شادي ڪرڻ جي سزا ٻڌائي وئي. نگران وڏي وزير جي هدايت تي گهوٽڪي پوليس ٻن جوابدارن ناصر ۽ مدد ڀٽو کي گرفتار ڪري ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
روڊ حادثو: وڏي وزير جھرڪ-ملان ڪاتيار پل وٽ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته متاثر خاندانن جي مدد ڪئي وڃي ۽ زخمين کي مناسب علاج فراهم ڪيو وڃي.
مسافر بس تي فائرنگ: وڏي وزير پنجاب ويندڙ مسافر بس تي فائرنگ جي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 4 مسافر گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. سنڌ جي وڏي وزير ڊي آءِ جي حيدرآباد کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي علائقي ۾ امن امان برقرار رکي ۽ جان و مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي.
ڪانسٽيبل جو قتل: سنڌ جي وڏي وزير پاڪ ڪالوني ۾ پوليس ڪانسٽيبل جي مقابلي ۾ مارجي وڃڻ جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
============================
ڪراچي (23 آگسٽ): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان نگران وزيراعظم انوار الحق وزيراعليٰ هائوس ۾ ون آن ون ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪراچي جي برساتي نالن ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شهر جي ٽن محمود آباد، گجر ۽ اورنگي نالن جي متاثرن جي بحالي ٿي رهي آهي جڏهن ته صوبائي حڪومت اڳ ۾ ئي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ تيزي آندي ويندي ڇاڪاڻ ته سيارو اچي رهيو آهي ۽ ماڻهن کي پنهنجن گهرن جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم وڏي وزير تي زور ڀريو ته هو ذاتي طور تي بحالي جي منصوبن تي عملدرآمد جي نگراني ڪري ته جيئن بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن. ملاقات ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف عقيدن جي ماڻهن کي هڪ ميز تي آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو مذهب آهي. نگران وڏي وزير امن امان جي مجموعي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن ۾ بدامني پکيڙيندڙ ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ خاص ڪري ڪراچي ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائي سگهجي ٿي. وڏي وزير چيو ته هو بندرگاهه رکندڙ شهر ۾ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندو.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں