
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) جنگشاھي جي رھواسي واپاري سڌير جوکيو صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ ھتان جي ڀاڳين کان قرباني جا جانور سوڌي ڪراچي ۾ وڪرو ڪرڻ بعد پئسا وٺي ٺٽي پھتس تہ ٺٽي ۾ ٺڳن ھٿ جي صفائي سان سندس کيسو ڪٽي کيسي ۾ پيل ھڪ لک 90 ھزار روپيہ ڪڍي فرار ٿي ويا، ھن چيو تہ اھي پئسا ڀاڳين جا ھئا جن کان جانور وٺي وڪرو ڪري ايو ھئس، ھن چيو تہ ھو ھاڻي ڪنگال ٿي ويو آھي، وٽس
ايترا پئسا ناھن جو ھو ڀاڳين کي ڀري ڏيئي سگھي، ھن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ ساڻس انصاف ڪري ٺڳن خلاف ڪاروائي ڪري سندس کيسي مان نڪتل رقم کيس واپس ڏياري وڃي، جيئن ھو ڀاڳئين کي رقم ڏيئي پنھنجي جان آجي ڪري سگھي.
=====================


