ٽن ڏينهن واري پاڪ واٽر اينڊ انرجي نمائش ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي. ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو اسٽال به ڌيان جو مرڪز رهيو.


ڪراچي ( بيورو رپورٽ ) ٽن ڏينهن واري پاڪ واٽر اينڊ انرجي نمائش ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي. ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو اسٽال به ڌيان جو مرڪز رهيو. چين، ترڪي، مراکش، آسٽريليا، مصر، آمريڪا جي ڪمپنين پڻ شرڪت ڪئي. ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ پاڻي ۽ توانائي جي ٽن ڏينهن واري پاڪ واٽر اينڊ انرجي نمائش منعقد ڪئي وئي. نمائش جي آخري ڏينهن صنعت جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ واپارين جي وڏي انگ اسٽالن جو دورو ڪيو. شرڪت ڪندڙن پاڻي ۽ توانائي سان لاڳاپيل جديد ٽيڪنالاجي، مشينري ۽ سامان ۾ دلچسپي ڏيکاري. نمائش جو انتظام پرائم ايونٽ مينيجمينٽ پاران ڪيو ويو. ڊائريڪٽر پرائم ايونٽ ڪامران عباسي چيو ته نمائش جي ٽن ڏينهن تي صنعت جو رجحان حوصلي جوڳو رهيو. هن چيو ته نمائش ۾ چين، ترڪي، مراکش، آسٽريليا، مصر ۽ آمريڪا جي ڪمپنين شرڪت ڪئي. 60 کان وڌيڪ نمائش ڪندڙن ٻن هالن ۾ 150 اسٽال قائم ڪيا آهن. نمائش ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن هڪ خاص اسٽال پڻ لڳايو ۽ وڏي اسڪرين ذريعي عوامي آگاهي واري وڊيو به هلائي. ان دوران واٽر ڪارپوريشن جو عملو پڻ شهرين کي آگاهي ڏيڻ لاءِ هر وقت موجود رهيو. نمائش جي آخري ڏينهن شرڪت ڪندڙن کي شيلڊون پڻ پيش ڪيون ويون.

اپنا تبصرہ بھیجیں