
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) سنڌ جي نياڻين کي راندين جي ميدان ۾ لاھي سندن اندر صلاحتين کي اجاگر ڪرڻ لاء ديا فٽبال ايسوسئيشن پاران پھريون ديا انڊر 18 گرلز انٽر ڊسٽرڪٽ فٽبال ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ ٺٽو، ڪراچي فٽبال ڪلب، عمر ڪوٽ، ڪراچي پنڪ، حب ۽ ميرپور خاص جي گرلز ٽيمن حصو ورتو، منعقد ڪيل تقريب ۾ آغا خان يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر بشرہ جميل، ديا فٽبال ايسوسئيشن جي صدر سعديہ شيخ، نوشين احمد، نائلا شيخ، مديحا ناز جاکرو، سميرا چشتي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنھن کي خطاب ڪندي سعديہ شيخ، ڊاڪٽر بشرہ جميل چيو تہ سنڌ
جي وڏن شھرن جيان ٻھراڙين جي ڇوڪرين ۾ بہ وڏو ٽلينٽ موجود آھي، جن کي موقعا فراھم ڪيا ويا تہ ھو ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگھن ٿيون. ھنن چيو تہ ھي نياڻيون وڏيون باھمت آھن، اسان سنڌ جي نياڻين کي ملڪي سطع تي متعارف ڪرائڻ لاء اھڙا مقابلا شروع ڪيا آھن جيڪي سنڌ جي ھر ضلعي ۾ حڪومتي سطع تي بہ ٿيڻ گھرجن ان سان نياڻين جو صلاحيتون منظر عام تي اينديون، خطاب ڪندي مديحا ناز جاکرو چيو تہ راندين جي حوالي سان سھولتون گھٽ ھجڻ باوجود ٺٽي جون ڇوڪريون گھٽيل ماحول ۾ بہ ميدان سجائي ويٺيون آھن، ھتان جا چونڊيل نمائندہ ۽ سرڪاري ادارہ اڳيان اچن تہ ٺٽي جون سوين نياڻيون ملڪ ۽ قوم لاء مثال ثابت ٿي سگھن ٿيون.
=========================


