
تاريخ: 15 جولاءِ 2025
ٿر ڪوئلو 30 لک گھرن کي روشن ڪري رهيو آهي، وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه جو انرجِي ڪانفرنس ۾ خطاب
شمسي توانائي جي منصوبن لاءِ 25 ارب رپين جي وڏي رقم رکي وئي آهي، سيد ناصر حسين شاهه
ڪراچي (15 جولاءِ): سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته نئين بجيٽ ۾ شمسي توانائي جي منصوبن لاءِ 25 ارب رپين جي وڏي رقم رکي وئي آهي جيڪا صوبي جي متبادل توانائي جي وسيلن کي استعمال ڪندي پٺتي پيل علائقن کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ کي ممڪن بڻائيندي. هن سنڌ انرجي ڊائيوورسٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو، جيڪا مووين پڪ هوٽل ڪراچي ۾ سنڌ انرجي ڊپارٽمينٽ ۽ انرجي اپڊيٽ جي گڏيل ميزباني هيٺ ٿي. هن ٻڌايو ته ڪراچي ۽ ضلعو ڄامشورو ۾ سولر پارڪ ٺاهي رهيا آهن، جڏهن ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ به اهڙا منصوبه بندي هيٺ آهن.
ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊس پيچ ڪمپني (STDC) ۽ سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (SEPRA) کي اختيار ڏئي صاف توانائي جي سستي، موثر ۽ آسان فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي.
هن زور ڏنو ته ٿر ڪوئلو، هوا ۽ شمسي توانائي سنڌ جي ترقي لاءِ نئين راهه کولي سگهن ٿا ۽ صنعتن کي سستي بجلي سان گڏ، ٻهراڙي ۽ پري پيل علائقن کي به روشن ڪري سگهن ٿا.
ڪانفرنس جي اهم نڪتن ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي قابل تجديد توانائي جي منصوبن جي مڪمل مدد ڪئي وڃي ته جيئن قومي گرڊ ۾ صاف توانائي شامل ٿي سگهي.
ماهرن زور ڏنو ته واڌاري بجلي، خاص ڪري بيڪار پيل ونڊ پاور پلانٽن جي بجلي، صنعتن کي سبسڊي هيٺ ڏني وڃي ته جيئن صنعتي ترقي کي فروغ ملي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿين.
ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته غير ملڪي سيڙپڪارن، خاص ڪري چيني سيڙپڪارن کي پرامن، محفوظ ۽ دوستاڻو ماحول فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو شمسي ۽ هوائي بجلي جي منصوبن ۾ ڊگهي مدي وارا سيڙپ ڪن.
ڪانفرنس دوران ٿر فائونڊيشن جي سماجي ۽ معاشي ترقياتي قدمن جي واکاڻ ڪئي وئي ۽ ان کي ٻين توانائي منصوبن لاءِ مثالي ماڊل قرار ڏنو ويو.
انورڪس سولر انرجِي جي سي اي او محمد ذاڪِر علي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته چيني سيڙپڪارن جي اعتماد کي بحال رکيو وڃي ۽ انهن لاءِ سازگار ماحول مهيا ڪيو وڃي.
ٻين مقررين ۾ شامل هئا، انجنيئر عرفان احمد، خليق جعفراني (چيئرمين SOGO گروپ)، عائشہ احمد، طارق علي شاهه (ايم ڊي ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ)، خواجه نظام الدين مير (ايف ايف سي انرجي)، سليم احمد شيخ (سي اي او STDC)، طفيل کوسو (سي او او سنڌ انرجي هولڊنگ ڪمپني)، ڊاڪٽر نذير عباس زيدي (سيڪريٽري OCAC)، عبد الرحمان (چيف ٽريڊ آفيسر انورڪس EV)، رضوان جعفراني (ڊائريڪٽر SOGO گروپ)، ياسر ڀمباني (سي اي او ADM گروپ چين)، نعمان علوي (EVEE) ۽ اسامه شيخ (سي اي او E-Turbo)۔
ڪانفرنس جو اختتام توانائي جي شعبي ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي هم آهنگي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، ۽ بهادراڻين سڌارن جي گهرج سان ٿيو، ته جيئن صاف توانائي کي پاڪستان جي صنعتي واڌاري ۽ معاشي خوشحالي جو مرڪز بڻائي سگهجي۔
محمد شبيہ صديقي
ڊائريڪٽر ميڊيا مينيجمينٽ
وزير توانائي ۽ پي اينڊ ڊي سنڌ


