
ڪراچي (6 مئي): صوبائي وزير توانائي ۽ رٿابندي سيد ناصر حسين شاهه، سيد وقار مهديءَ کي سينيٽر ٿيڻ تي واڌايون ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سيد وقار مهديءَ جو سينيٽر ٿيڻ جمهوريت جي فتح آهي، جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وقار مهديءَ جي خدمتن جو کيس ثمر مليو آهي. هن چيو ته وقار مهدي سينيٽ ۾ سنڌ جي بهترين نمائندگي ڪندو ۽ وقار مهدي سينيٽ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. سنڌ ۾ سينيٽ جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪاميابي تي ناصر شاهه جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽيءَ جو هڪ ٻيو جيالو سينيٽ ۾ پهچي ويو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جو چونڊيل وقار مهديءَ جي شڪل ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ هميشه جيالن کي سندن مقام ڏنو آهي.
محمد شبيھ صديقي
ڊائريڪٽر ميڊيا مئنيجمينٽ
وزير توانائي ۽ پي اينڊ ڊي سنڌ
Load/Hide Comments


